ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ناظم آباد ۾ بورڊ آفيس واري چوڪ تي ڊبل ڪيبن گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار زال مڙس سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو جنهن بعد مڇريل ماڻهن هادثي جو سبب بڻجندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو
-
لياري گينگ وار جو جوابدار رينجرز هٿان گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) لياري گينگ وار جي مطلوب جوابدار بلال کي رينجرز يوسف ڳوٺ مان گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب لياري گينگ وار جي مطلوب جوابدار بلال کي ڪراچي جي علائقي يوسف ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي قبضي مان چرس، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار گينگ وار ڪمانڊر ڪاشف ڊاڊا جو ڪارندو آهي، جوابدار منشيات سپلائي، ڀتا خوري، بليڪ ميلنگ، اغوا ڀنگ جي وارداتن جو اعتراف ڪيو،
-
ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن کي آڻڻ جي دعوي’ ڪوڙي آهي : بئرسٽر سيف
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته اسحاق ڊار لاءِ خاص اڏام جو بندوبست آهي پر شاگردن لاءِ نه، پي آءِ اي کي جاتي امرا لاءِ پرائيويٽ جهاز طور استعمال ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪرغزستان ۾ ايئرپورٽ تي شاگرد ڦاٿل آهن، سندن والدين به پريشان آهن. وفاقي حڪومت جي مفت ٽڪيٽن جي دعويٰ به سياسي دعوائن وانگر ڪوڙي ثابت ٿي.
-
سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي طبعيت خراب،علاج لاءِ جاري
رياض ( م ڊ ) هاڻوڪي سعودي فرمان بابت شاهي گهراڻي جو بيان سامهون آيو آهي، سعودي رائل هائوس موجب شاهه سلمان کي بخار ۽ گڏيل درد جي شڪايت آهي. خبر ايجنسي اي ايف پي موجب سعودي عرب هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ ٻيو ڀيرو طبي ٽيسٽ ڪندو. سرڪاري سعودي پريس ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سعودي شاهي گهراڻي چيو آهي ته شاهه سلمان جو جده جي شاهي محل قصر السلام ۾ طبي معائنو ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بخار ۽ جوڙن ۾ درد سبب شاهه سلمان جي ڊاڪٽرن ڪجهه ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شاهي گهراڻي اسلامي دنيا کي دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
-
لاهور ۾ ٽريفڪ وارڊن سان عورت جي بدتميزي، وڊيو وائرل ٿي وئي
لاهور (بيورو)لاهور ۾ ٽريفڪ وارڊن سان بدتميزي ڪندڙ عورت جي وڊيو سامهون اچي وئي. عورت ڊرائيور کي ون وي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ٽريفڪ وارڊن روڪيو ته عورت کيس گهٽ وڌ ڳالهايو. ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ گلبرگ جي جلسي جي موقعي تي ٽريفڪ پوليس ان عورت جي بدتميزي جي جواب ۾ ٽريفڪ وارڊن وڏي برداشت جو مظاهرو ڪندي کيس "ٿينڪ يو” چيو. ٽريفڪ وارڊن جي بهتر رويي کي سوشل ميڊيا صارفين ساراهيو. جڏهن ته عورت کي سخت تنقيد جو به منهن ڏسڻو پيو.
-
ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم پاران پرڏيهي شاگردن تي حملا روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف
بشڪيڪ ( م ڊ ) ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن ضيغم ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم سان گڏ بشڪيڪ ۾ پرڏيهي شاگردن جي هاسٽل جو دورو ڪيو. بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن سان ڳالهائيندي ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي شاگردن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڪرغز حڪومت جي ذميواري هئي، جنهن ۾ هو بری طرح ناڪام ٿيا. ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم چيو ته حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پاڪستاني شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني سفير چيو ته اڄ هڪ اڏام پاڪستاني شاگردن کي مفت ۾ پاڪستان وٺي رهي آهي. هن چيو ته هن ڪرغز اختيارين کي گرين چينل کولڻ جي به درخواست ڪئي آهي. پروپيگنڊا بابت سوال تي پاڪستان جي سفير چيو ته ان جو تعلق صرف جنسي ڏاڍائي، قتل ۽ اغوا جي افواهن سان هو.