ڪراچي: 17هين گريڊ جو آفيسر عدالت کي ”ميٿ“ جي اسپيلنگ نه ٻڌائي سگهيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي قريشي ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ليز تي پلاٽن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ خلاف درخواست جي  ٻڌڻي دوران دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، 17 گريڊ جي آفيسر کي تعليمي قابليت بابت ڪوڙ ڳالهائڻ تي عدالت پڪڙي ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽي کي طلب ڪري ورتو، عدالت قريشي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي رجسٽرار محرم علي ساند جي تعليمي قابليت بابت پڇيل سوالن تي مطمئن نه ٿيڻ جوڳو جواب ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس صلاح الدين پنهور رجسٽرار قريشي ڪوآپريٽو سوسائٽي محرم علي ساند کان پڇاڻو ڪيو ته هو ڪهڙي کاتي ۾ ملازم آهي؟ جنهن تي محرم علي ساند چيو ته هو لوڪل گورنمينٽ ۾ گريڊ 17 جو آفيسر آهي.جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته توهان جي تعليمي قابليت ڇا آهي؟ محرم علي ساند چيو ته رياضي ۾ بي اي ڪئي آهي. عدالت سوال ڪيو ته بي اي رياضي ڪهڙي يونيورسٽي مان ڪيو آهي؟ جنهن تي مهر علي ساند چيو ته هن شاهه لطيف يونيورسٽي مان بي اي ڪئي آهي. عدالت پاران محرم علي ساند کان جڏهن ميٿ جي اسپيلنگ بابت پڇيو ويو ته هو اسپيلنگ ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي عدالت ۾ موجود وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، عدالت ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.