پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، شبلي فراز کي خاموش رهڻ جي هدايت

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلافن جون خبرون منظر عام تي اچڻ بعد اڊيالا جيل ۾ پارٽي اڳواڻن جي عمران خان سان  ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب شبلي فراز سينيٽر اعظم سواتي جي موجودگي ۾ اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي، اسد قيصر ۽ شاندنا گلزار جي اختلافن کان آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان شبلي فراز کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو شاندنا گلزار ۽ ٻين اڳواڻن سان ڳالهائيندو. ذريعن موجب شبلي فراز چيو ته مون کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، پارٽي ۾ خرابين جو ذميوار مون کي سمجهيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان چيو ته شاندنا گلزار، شهريار ۽ شير افضل جذباتي آهن پر پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون اٿن، ذريعن موجب عمران خان شندنا گلزار کي ملاقات لاءِ گهرايو ۽ پارٽي معاملن تي تڪرار بدران اڳواڻن جي آزادي لاءِ وڙهڻ جو چيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان وڌيڪ چيو ته شڪايت نه ڪريو، مون کي خبر پئجي رهي آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته ڪنهن قرباني ڏني ۽ ڪير ڪنهن سان رابطي ۾ آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني شبلي فراز کي چيو ته شڪايت ڪرڻ بدران پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر پارٽي لاءِ ڪم ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاندانا گلزار ايندڙ هفتي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندي، ڪميٽي کي عمران خان سان ملاقات ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.