ملير/کوکراپار (رپورٽ: جميل چانڊيو+= عنايت قمبراڻي ) ناليواري محقق گل حسن ڪلمتي جي پهرين ورسي ملير جي مراد جعفر باغ ڳوٺ ۾ ٿي گذري، تقريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ناليوارن اديبن، ليکڪن، صحافين، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو گل حسن جهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن جيڪي نه صرف ادبي پورهيو ڪن پر سياسي ميدان ۾ به پاڻ ملهائن، ڪليم لاشاري خطاب ڪندي گل حسن ڪلمتي کي لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته گل حسن بيقرار روح هو هن پنهنجي زندگي لکڻ پڙهڻ، تحقيق ڪرڻ ۾ گذاري هو زندگي جي آخري پساهن تائين لکندو رهيو، رخمان گل پالاري چيو ته گل حسن نه صرف قلمي پورهيو ڪيو پر هن ملير جي ماڳن مڪانن ۽ ملير جي ماروئڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ سياسي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو، هن چيو ته گل جي چئن ڪتابن ڪراچي سنڌ جي مارئي، سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ، ڪراچي جا لافاني ڪردار ۽ ملير جي ڪهاڻي انگريزي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن اسان جي خواهش آهي ته گل حسن جا سڀ ڪتاب نه صرف انگريزي پر ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيڻ گهرجن، گل حسن ڪلمتي پنهنجي زندگي ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڳ مڪانن، تاريخي هنڌن خاص طور تي ڪراچي جي تاريخ لکي دنيا کي ڄاڻ ڏني ته سنڌ جي تاريخ لازوال ۽ ان جا ڪردارن کي دنيا آڏو نروار ڪري حقيقي سنڌ جو روپ پيش ڪيو ۽ دنيا کي حيران ڪيو ته سنڌ دنيا جو پرامن ۽ شاهوڪار خطو آهي، هنن چيو ته گل حسن کي سچ ڳالهائڻ جي سزا مٿس دهشتگردي جهڙا هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا، هن چيو ته ملير جي سرزمين تي ڌارين جي والار کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ گل حسن اهڙي والار خلاف ميدان عمل هو، هن چيو ته ملير جي چونڊيل نمائندن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪن اڃان وقت ويو ناهي نه ته تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ هو ڪوڙي دان ۾ بي ڪفن ڦٽا ڪيا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سليم ميمڻ چيو ته تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي گل حسن ڪلمتي پنهنجي قلمي جدوجهد ذريعي پنهنجي دنگن جو تحفظ ڪيو ۽ ان ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي تاريخ کي کوجنا ڪري حقيقتون دنيا آڏو نروار ڪيون، صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته گل حسن جي قلمي پورهئي جو حڪمرانن قدر نه ڪيو سندس تحقيقتون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين باقي رهيل لکڻين کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ آئون ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو پليٽ فارم تان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو ۽ سندس هڪ شاندار پروگرام ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ رکرايان ٿو، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي گل حسن ڪلمتي هڪ تاريخ جو نالو آهي جنهن تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ کي روايتي انداز ۾ نه پر زميني حقيقت تي مبني لکڻيون دنيا آڏو آنديون. ڪراچي انڊيجنسي الائينس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جي والار خلاف گل حسن ڪلمتي صف اول واري جدوجهد ۾ شامل هو، هن حڪمرانن تي ڇو ڇنڊيندي چيو ته پاڻي جي قدرتي ننگن کي بند ڪري ملير ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا جوڙيا ويا ايندڙ برسات ۾ هوءَ ملير کي ٻوڙڻ چاهين ٿا، گل حسن ڪلمتي جي نياڻي ماهين ڪلمتي چيو ته منهنجي بابا جو ڪردار سنڌ دوستي وارو رهيو آهي ان پنهنجي محبت جو مرڪز سنڌ کي رکيو هن ملير جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي اپيل ڪئي ته هو منهنجي بابا جي نالي سان ملير ۾ هڪ لائبريري قائم ڪن. ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي چيو ته گل حسن ڪلمتي ڪراچي خاص ڪري ٻھراڙي جي ماروئڙن لاءِ بي پناھ تحقيقاتي تحريرون لکيون آھن، ھو ھڪ ڊائنامڪ ليکڪ ھو، سامونڊي پٽي جي ٻيٽن تي پڻ ان جي تحقيق لاجواب ھئي. گل حسن جھڙو جاکوڙي انسان اسان کي تاريخ ۾ نه ملندو، ھو ھڪ ناميارو اديب، محقق، مورخ ليکڪ ھو، کيس صدين ۾ ياد رکيو ويندو. قوم پرست اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو ته گل حسن ڪلمتي مورڙي جي ماڳ جو مالڪ ھو، ھن اسان کي سڃاڻپ ڏني، ڪراچي ۾ ٿيل والار تي ھو ڏاڍو پريشان ھو، بحريا ٽائون سميت سنڌ دشمن پراجيڪٽن تي گل حسن ڪلمتي جي جدوجھد ڪڏھن به نه وسرڻ جھڙي آھي، ملڪ رياض جھڙي مانگر مڇ سان جيڪڏھن مقابلو ڪيو ته مورڙي گل حسن ڪلمتي ڪيو، ٿيڻ ائين گھرجي ھا ته گل حسن ڪلمتي جي ورسي سرڪاري سطح تي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿين گھرجي ھا. ان موقعي تي گل حسن ڪلمتي جي اردو ڪتاب ”ايڪ تصوير ايڪ ڪهاڻي“ جي رونمائي ڪئي وئي. ان موقعي تي ، پروفيسر اعجاز قريشي، غلام قادر پليجو، ڊاڪٽر امان الله شيخ، ايڊوڪيٽ ڪاظم مھيسر، رمضان بلوچ، اختر حسين ايڊوڪيٽ، شفيع مرگر، عشرت امين جويو، پروفيسر شاھانا راجاڻي، محمد انور بلوچ، محمد علي پٺاڻ، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جو صدر حنيف سومرو سميت مختلف اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اديبن، دانشورن گل حسن ڪلمتي جي علمي، ادبي، تحقيقي، تاريخي ڪم ۽ جدوجهد تي مقالا پڙهيا ۽ روشني وڌي. تقريب ۾ 2 قراردادون منظور ڪيون ويون جنهن ۾ ڪراچي جون 30 سالا زرعي زمينن جي ليز بحال ڪئي وڃي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ گل حسن ڪلمتي جي نالي سان چيئر قائم ڪئي وڃي، پروگرام ۾ گل حسن ڪلمتي جا لکيل ڪتابن جا اسٽال هنيا ويا.