اسلام آباد (معظم فرخ):سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪيسن جي لائيو ڪوريج ٻن ڏينهن کان بند ٿي وئي. نيب ترميمي ڪيس ۾ عمران خان جي وڊيو پيشي به لائيو نه ڏيکاري وئي، جڏهن ته فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪارروائي جي به لائيو ڪوريج نه ڏيکاري وئي. عدالتي ڪارروائي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ آئين جي آرٽيڪل 19 جو حوالو ڏنو، جيڪو اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿو، پر اهو سڪيورٽي ادارن، عدليه ۽ ملڪي سلامتي بابت ڳالهائڻ کان روڪي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير به ان آرٽيڪل جو حوالو ڏنو هو، جنهن مان لڳي ٿو ته هو ساڳي پيج تي آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس مشورو ڏنو ته پارليامنٽ ميمبر پريس ڪانفرنس ڪرڻ بدران پارليمنٽ ۾ وڃي ڳالهائن، جنهن کان آرٽيڪل 19 نه ٿو روڪي ۽ ان سان متن توهين عدالت جو ڪيس نه ٿيندو.