شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، سنڌ ڌاڙيل راڄ جي گهيري ۾ آهي: اياز لطيف پليجو

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) قومي عوامي تحريڪ جو شڪارپور ۾ جشن لطيف جي عنوان سان جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جڏھن ته  مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيع پليجو، شڪارپور ضلعي صدر آغا فھد، سينيئر اڳواڻ زاھد گھلو، امداد سومرو، زاھد ڀنڀرو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. شڪارپور پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ ڪارڪنن گلن ۽ اجرڪن سان اياز لطيف پليجي جو استقبال ڪيو.جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته شاهه لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي، اڄ سنڌ جي عوام کي تباھه ۽ برباد ڪيو ويو آهي،  شاهه لطيف عورت جي بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراهھ ڪئي آهي،  شاهھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ  ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان انتهائي مشڪل دور ۾ آهي، گورننس تباھه ٿي چڪي آهي. آءِ ايم ايف جي ھدايتن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون پيون وڃن. آءِ ايم ايف کان ڳرن شرطن تي وڌيڪ قرض وٺي ڪرپشن ڪري پئسو لٽيو ويندو. آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ سان عوام کي ڪڏھن به فائدو نه ٿيو آھي. خودمختيار ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙڻ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ بيوروڪريسي خلاف ايڪشن کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون. اياز لطيف پليجي چيو ته ارسا سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ سھولتڪار آھي. برساتن باوجود سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. وفاق سنڌ کي بنجر بنائي رھيو آھي سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو لڳي رھيو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آھن. هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ سخت سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، چونڊون بوگس ۽ فراڊ هيون، سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو، اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن.اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي،  اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن به برابري وارا حق نه مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي.  قومي عوامي تحريڪ سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جا ضلعا بدامني جي باھه ۾ سڙي رھيا آھن. عوامي، جمھوري، ترقي پسند ۽ روشن خيال سياسي آواز، جدوجھد ۽ لھر کي ڪچلڻ لاءِ لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، گھوٽڪي ضلعن کي سردارن، جاگيردارن ۽ خوني وڏيرن جي جھولي ۾ اڇلايو ويو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو ته سنڌ جا ماڻھو پنھنجي نياڻين کي تعليم ڏيارين، سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نه ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن. عورتن کي برابري واري حق کانسواءِ ڪو به سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي. مسئلن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيع پليجو چيو ته لطيف سنڌ جي عالمي طور تي سڃاڻپ، ايندڙ سوين نسلن لا ھڪ سوغات، تحفو ۽ ھڪ دور ۽ ڪيئي دورن جي علامت ۽ علمبردار آھي. نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون پنھنجي ٻولي کي زندھ رکڻ لاءِ سنڌي شاعري، سنڌي ڪتاب، سنڌي ميوزڪ سان رشتو جوڙين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي شڪارپور جي صدر آغا فھد خان پٺاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.