پنوعاقل مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر جو پتو نه پيو، احتجاج، حليم عادل وارثن وٽ پهتو

سکر /پنوعاقل/ خانپور(نمائندن وٽان ) پنو عاقل مان گهر ۾ ڌاڙي دوران 4 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ سکر پوليس گهر مان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي حسين آرائين کي بازياب نه ڪرائي سگهي، سنڌ جي وڏي  وزير جو نوٽيس به بي سود ثابت ٿيو، ٻارڙي جي سوگوار ماءُ گهري ڏک ۾ آهي ۽ ٻار جي واپسي جو انتظار ڪري رهي آهي. ٻارڙي جي بازيابي لاءِ مرڪزي تنظيم آرائين پاران سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي، هندو پنچائت جي مڪي ايشور لال،سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو بک هڙتال ڪيمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي مقررين چيو ته ٻهراڙين ۾ چورن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. اهڙي ريت اغوا جو هي پهريون واقعو آهي، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. هوڏانهن خانپور ۾  مرڪزي تنظيم آرئيان پاڪستان جي سڏ تي خانپور شھر جي عيد گاھ روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو.  هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ  مغوي محمد حسين آرائين جي گھر پھچي مغوي جي  والد اڪرم آرائين سان ملاقات ڪري همدردي جو اظهار ڪيو ، گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ معصوم محمد حسين جي اغوا بابت معلومات پڻ ورتي وئي، حليم عادل شيخ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنوعاقل جي  وچ شهر ۾ ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي سونا زيور روڪ رقم جو ڌاڙو هڻڻ بعد ستن سالن جي معصوم نينگر کي اغوا ڪري ويا ان وقت پوليس ڪٿي گم هئي، وزير اعليٰ سنڌ، وزير داخلا سنڌ ۽ آءِ جي، جي سنڌ پوليس کي سوچڻ گهرجي ته روڊن کانپوءِ هاڻي شهرن مان به ڌاڙيل ڌاڙن هڻڻ سان گڏوگڏ ٻارڙن کي به اغوا ڪري رهيا آهن ، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.