سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد اڳواڻ کنڀجي ويو، شاگردن پاران 5 ڪلو ميٽر پنڌ مارچ، ڌرڻو

ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف)آريسر سنڌ يونيورسٽي جو اڳواڻ علي رضا بروھي گذريل رات  ميھڙ کان ڄامشورو ايندي پيٽارو ٽول پلازه وٽان رياستي ادارن ھٿان کنڀجي ويو، کنڀي گم ڪيل جساف اڳواڻ علي رضا بروھي جي آزادي لاءِ علي عمراڻي، فرقان پنھور، جبار بوزدار، فواد جانوري، ذيشان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تحداد ۾ شاگردن پاران سنڌ يونيورسٽي کان 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري سيدآباد ڪالوني چوڪ وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي علي رضا بروھي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪندي سندن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته ڌرڻي سبب سوين مسافر گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد اڳواڻ علي رضا بروھي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ واري ڪيس ۾ حيدرآباد اي ٽي سي ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ گذريل رات پنهنجي ڳوٺ ميھڙ کان ڄامشورو اچي رھيو ھو ته پيٽارو ٽول پلازه وٽ ڄامشورو پوليس جي اڳواڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن کي اڃا تائين ڪٿي به ظاھر ناھي ڪيو ويو، ھنن چيو آهي ته علي رضا بروھي ھڪ پرامن شاگرد اڳواڻ آهي جنهن تي شاگردن جي حقن جي ڳالهھ ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏھاڙا ملھائڻ تان مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن کي پڻ ھو ڪورٽن ۾ منهن ڏئي رھيو آهي، ھنن چيو ته رياستي ادارن پاران سنڌ شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، ڪجهھ ڏينهن پھرين ڪراچي مان بشير شر کي کنڀي ڪيو ويو آهي ته ڪالهه وري ڄامشورو مان علي رضا بروھي کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ڄامشورو مان نوجوان سرويچ نوحاڻي کي پڻ گذريل چار سالن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته شاگرد اڳواڻ علي رضا بروھي، بشير شر ۽ سرويچ نوحاڻي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت احتجاجي ڌرڻو جاري رھندو. ان موقعي تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاھنواز جوکيو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي شاگردن کي 24 ڪلاڪن ۾ علي رضا بروھي جي آزاديءَ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد شاگردن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.