جيڪب آباد ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

جيڪب آباد (ن ع آ ) جيڪب آباد ويجھو ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙو خان حاجيجو ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان 22 سالن جو نوجوان مراد علي پُٽ دوست علي حاجيجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا نوجوان جي قتل واقعي بعد سندن فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،  واقعي جي اطلاع ملڻ تي ميرانپور پوليس پهچي لاش تحويل ۾وٺي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ميرانپور پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع مليا آهن ته نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن قتل ڪيو آهي وڌيڪ وارثن کان جاچ ڪيون پيا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.