راما پير مندر مان ٿيل چوري برآمد ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنڊي آدم جي راما پير مندر مان مورتين سميت ٻئي سامان جي چوري ٿيڻ جو نوٽيس  ورتو. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته مندر مان چوري ٿيل سامان هٿ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعليٰ سنڌ چيو تھ مون واضح هدايتون ڏنيون آهن ته اقليتن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان پنو عاقل مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي محمد حسين آرائين جي بازيابي لاءِ اڳڀرائي بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان گذريل ٽن ڏينهن ۾ يرغمال ٿيل بازيابي جا تفصيل گھري ورتا. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ وڌندڙ ڏوهن وارن علائقن ۾ گشت وڌايو وڃي ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا تفصيل سي ايم سيڪريٽريٽ کي اماڻيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.