جوهي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان همراهه ڏنڊا هڻي قتل

جوهي (ن ع آ)ڪاڇي جي واهي پانڌي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موسيٰ  جوساڻي ۾ سنڱاوتي معاملي تان جُوساڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ سڱاوتي  تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 55 سالا وزير ولد طاهر جوساڻي موقعي تي مارجي ويو آهي،مقتول جو لاش سندس وارث پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال جوهي کڻائي آيا،  جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، واقعي کان وٺي اسپتال آڻڻ تائين واهي پانڌي پوليس گم هئي جنهن ڪري واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.