اسلام آباد (م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ آهي ته اڊيالا مان اچڻ واريون رپورٽون پريشان ڪندڙ آهن، گارڊز جي تبديلي، ملاقاتن تي پابندي ۽ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪيو ويو.پنهنجي هڪ بيان ۾ علي زيدي چيو ته آئين ۽ قانون جي پاسداري سڀ کان اهم آهي، گذارش آهي ته طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران زخمن تي مرهم رکو.علي زيدي چيو ته فضول ڪٺ پتلين سان پريس ڪانفرنسون نه ڪرايو، وقت ضايع ڪرڻ بدران ويهو، سوچيو ۽ ملڪ کي دلدل مان ڪڍيو.