اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان استعيفيٰ ڏئي ٻيهرچونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ حڪومت ڊيليور نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ سان ڪا ذاتي دشمني نه آهي. پنهنجي ۽ پرائي سياست ناهيون ڪندا. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته جيئن اسان 2018ع ۾ ڌانڌلي خلاف اسٽينڊ کنيو هو، اڄ به ڪنهن به قسم جي مصلت جو شڪار نه ٿيا آهيون، جڏهن ته بار بار دعوتون ڏنيون ويون آهن، اسان چيو ته ساڳئي مينڊيٽ جي باوجود، اسان گذريل ڀيري فراڊ چيو، پوء اڄ ڪيئن قبول ڪري سگهون ٿا؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018ع ۾ به تحريڪ انصاف سان ڪا ذاتي دشمني نه هئي، جيڪڏهن اسان پنهنجي پرائي واري سياست ڪريون ها ته اڄ مسلم ليگ ن سان گڏ حڪومت ۾ هجون ها، هن چيو ته ن ليگ وارن جا اسان جا واسطا به سٺا آهن ۽ اسان هميشه جدوجهد به گڏ ڪئي آهي. جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ چونڊ نتيجن تي واضح موقف اختيار ڪيو، مان نٿو سمجهان ته موجوده حڪومت ڊيليور ڪندي ۽ صورتحال اهڙي ناهي، هي اسيمبلي به ڪمزور آهي.هن چيو ته مان نٿو سمجهان ته ڪا به اڪثريت ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، .هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو ناهي، بس اها آهي ته اها حڪومتي بينچن تي ويٺي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن کي تڪليف محسوس ٿيندي آهي ته پوءِ هنن جي مرضي آهي ته هو تڪليف کي حل ڪن يا ان ۾ اضافو ڪن.هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ئي احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو هو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت ڊيليور نه ٿي ڪري سگهي، جنهن ڏينهن پيپلزپارٽي ڏکيائين ۾ ايندي حڪومت کي ڏکيائي ٿيندي، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، هاري سان گڏ بيٺل آهيون. فضل الرحمان مطالبو ڪيو ته حڪومت استعيفيٰ ڏئي ۽ فوج کي چونڊن کان پري رهڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.