دبئي(عمر چيما+اعزاز سيد+فخر دراني)دبئي ليڪس موجب ملڪيتن جي مالڪي ۾ پاڪستاني ڀارت کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن. پاڪستانين جي11 ارب ڊالرن جي ملڪيت دبئي ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي نالي تي دبئي ۾ ملڪيتون ورتيون آهن، انهن جا نالا لسٽ ۾ شامل ناهن. جڏهن ته دبئي ليڪس ۾ ڪجهه نوان نالا به آيا آهن، جن ۾ حامد سمون، غلام عباس زرداري، مشتاق احمد حضرو، علي اڪبر ابڙو ۽ حاجي هارون شامل آهن، انهن مان هڪ شخص 2014 ۾ دبئي ۾ هڪ ولا 50 لک درهم ۽ ٻيو 27 لک درهم ۾ خريد ڪيو هو. هڪ شخص وٽ 300 گهر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دبئي ليڪس تي گهڻو چڙيل آهي، هن جاچ ڪندڙ هڪ صحافي کي فون ڪري چيو ته توهان جنگ اخبار جي مالڪ مير شڪيل الرحمان،ڊان جي مالڪ سهگل جو نالو ڇو ناهي ورتو، صحافي کيس جواب ڏنو ته اسان کي انهن جا نالا ناهن مليا،بهاولنگر مان چونڊيل ن ليگ جي ايم اين اي احسان الحق باجوا پاڪستان جو امير ترين پارليامينٽ ميمبر آهي،هن جي ڊڪليئرڊ اثاثن جي ماليت ساڍا 11 ارب رپيا آهي،دبئي ليڪس ۾ هن جي 60 کان وڌيڪ ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي جن جي ماليت ملين ڊالرز ۾ آهي،احسان الحق باجوا دبئي جي ملڪيتن کي اثاثن ۾ ظاهر ڪيل ڄاڻايو آهي، هن يو اي اي ۾ ٻن ڪمپنين جي رجسٽريشن ڄاڻائي آهي،دبئي ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي نالي تي هڪ به پراپرٽي ناهي، هن جي خاندان جي سمورن ڀاتين جون ملڪيتون آهن، اوسي سي پي آر کيس سوالنامو موڪليو آهي پر هن انهن جو جواب ناهي ڏنو، اي آر واءِ نيوز جي مالڪ سلمان اقبال،ايڪسپريس گروپ جي مالڪ سلطان لاکاڻي ۽ سندس زال جي نالي تي به پراپرٽيون آهن،2020 ع ۾فيبروري دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي پٽ سعد صديق جي نالي تي 2.53 ملين درهم جي پراپرٽي خريد ڪئي وئي ۽ ڊسمبر ۾ اهو فليٽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ علي اقبال کي وڪرو ڪري ڇڏيو،سعد صديق چيو ته هن ڪجهه فنڊ پنهنجي والد ۽ ڪجهه فنڊ دبئي ۾ بئنڪ کان قرض طور ورتا،علي اقبال 3 لک 10 هزار ڊالرن جي سموري مني ٽريل ميڊيا حوالي ڪري ڇڏي،جنرل(ر)راجا عارف نذير پنهنجي فليٽ جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ٻن پٽن تحفي ۾ اها ڏني آهي،2017ع ۾ خريد ڪيل اهو فليٽ رٽائرڊ جنرل اڃا تائين ڊڪليئرڊ ناهي ڪيو،پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوبائي وزير ضيا عباس شاهه جي به دبئي ۾ پراپرٽي آهي، دبئي ليڪس ۾ جن اهم شخصيتن جا نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير سردار اسلم رئيساڻي،بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل، قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر علي مگسي، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر شيخ ايم مغيري، فرحت شهزادي عرف فرح گوگي، اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر سردار خان چانڊيو،، اڳوڻي وزير ماروي ميمڻ، ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد افضل مظفر (اين ايل سي اسڪينڊل)، انسپيڪٽر جنرل آءِ جي پوليس آزاد ڄمون ڪشمير تاجڪ سهيل عزيز ۽ ميڊيا هائوس مالڪ سلمان اقبال شامل آهن جڏهن ته ليڪ ڊيٽا موجب نواب ثناءُ الله زهري جي گهرواري جي نالي تي بنگلو 2018ع ۾ 40 لک ڊالرن ۾ خريد ڪيو ويو جيڪو 2023ع ۾ 62 لک ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو،ثناءٌ الله زهري جي گهرواري هن وقت اسڪائي اسڪريپر رهائشي عمارت 23 مرينا ۾ 3 بيڊرومز تي مشتمل اپارٽمينٽ جي مالڪياڻي آهي جنهن کي 2020ع ۾ 3 لک 83 هزار 882 ڊالرن ۾ خريد ڪيو ويو، ثناءُ الله زهري ۽ هن جي ڌيءُ برج خليفه جي علائقي ۾ دي لوفٽس سينٽرل پراجيڪٽ ۾ 2 بيڊرومز واري اپارٽمينٽس جا مالڪ آهن،هڪ فليٽ 2014ع ۾خريد ڪيو ويو ٻيو ان جي ٻئي سال خريد ڪيو ويو،
-
دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن وٽ پئسو ڪٿان آيو؟حافظ نعيم
لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پهريان پاناما ليڪس وري پينڊورا پيپر سامهون آيا ۽ هاڻي وري دبئي پراپرٽي ليڪس ملڪ جي حڪمران طبقي جي بيرون ملڪ ملڪيت ۽ جائيداد جا پول پڌرا ٿي ويا آهن. قوم کي جواب کپي حڪمرانن ٻين الاقوامي سطح تي ملڪ کي بدنام ڪيو آهي.سوشل ميڊيا پوسٽ جي ذريعي هن چيو ته لسٽ ۾ شامل حڪمران طبقو اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو ته انهن وٽ اها ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ ڪٿان پئسا آيا. اها رقم ڪهڙن ذريعن موجب دبئي منتقل ڪئي وئي،هن چيو ته اگر فرض ڪجي ته اهي ملڪيتون ڊڪليئر ڪيل آهن ته سوال ته به اهو آهي ته حڪمران طبقو ملڪ کان ٻاهر سيڙپڪاري ڪري پيو ته پوءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي درخواست پيا ڪن
-
بلاول جي ملڪيت ۾ڪرپشن ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي:شيري رحمان
اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دبئي ليڪ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جا ڊڪليئر ڪيل ملڪيت جا تفصيل شامل ڪرڻ ڪو به انڪشاف ناهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو آهي ته بلاول جي وراثت ۾ مليل ملڪيت ۾ ڪرپشن ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جون اهي ملڪيتون اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ ظاهر ٿيل آهن. شيري رحمان جو چوڻ آهي ته بلاول ۽ آصفه جا اثاثا اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي آهن، دبئي ليڪس ۾ کين شامل ڪري ڇا حاصل ڪيو ويو؟، هوڏانه دبئي ۾ غير ملڪين جي ملڪيتن تي ڊيٽا لڪي ٿي وئي آهي، ان لسٽ ۾ پاڪستانين جي 11 ارب ڊالرن جون ملڪيتون به شامل آهن، پراپرٽي ليڪس ۾ صدر آصف زرداري جي ٽن ٻارن جا نالا به شامل آهن.
-
پتو لڳايو ته دبئي واريون ملڪيتون ڊڪليئر آهن يا نه: عمر ايوب
اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته امن امان جون دعوائون ڪندڙ گهرو وزير ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري ڇو ڪري رهيو آهي؟ قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت سان ڪئي وئي؟ سورس چيڪ ڪيو ته رقم ڪيئن دبئي وئي، پتو لڳايو وڃي ته دبئي ۾ ملڪيتون ڊڪليئرڊ آهن يا نه. سندس موجب پي ٽي آءِ باني جيڪو چوندو هو درست ثابت ٿيو، گهرو وزير يا جيڪي امن امان جون وڏيون دعوائون ڪري رهيا آهن، اهي اتي سيڙپڪاري ڇو پيا ڪن؟
-
دبئي ۾ موجود سياستدانن جون ملڪيتون وڪرو ڪيون وڃن: فاروق ستار
ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته دبئي ۾ موجود سياستدانن جون ملڪيتون وڪرو ڪيون وڃن. صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته سياستدانن کي ملڪ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، اها پراپرٽي انهن جي اضافي پراپرٽي آهي، قرباني ڏني وڃي ۽ هاڻي اهو پئسو قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته انهن ٻاهر رکيل پراپرٽين جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو ۽ مهانگائي ۽ بي روزگاري ۾ واڌ ٿي، جيڪو انڪشاف ٿيو آهي اها حقيقت آهي.
-
دبئي ۾ پاڪستانين وٽ ملڪيتون ڪٿان آيون؟ شبر زيدي
اسلام آباد (م ڊ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي دبئي پراپرٽي ليڪس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سياستدان ٻڌائين ته ملڪيتون خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آيا. دبئي ۾ پاڪستانين جي ملڪيتن جي ماليت 20 ارب کان وڌيڪ آهي، رقم ڪٿان آئي؟ اهو واضح ناهي، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته هن دبئي اختيارين کي چيو هو ته انهن پاڪستانين جي لسٽ ڏني وڃي جن وٽ دبئي جا آفيسر شڪايت کڻي عمران خان وٽ پهچي ويا، اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر چيو ته دبئي ليڪس جو پهريون اوور آهي، 20 اوور جي ميچ جا 19 اوور باقي آهن.
-
شرجيل ميمڻ ۽ سندس گهرواري جون 5 ملڪيتون،انهن مان هڪ بنگلي جي ماليت 35 لک ڊالر آهي
دبئي(نازيحه سيد) دبئي پراپرٽي ليڪس ۾ اويس مظفر ٽپي ۽ سندس گهر واري جي نالي تي 2 پراپرٽيز جو انڪشاف ٿيو، جيڪي دبئي ۾ ڪنهن به پاڪستاني جا سڀ کان مهانگو اثاثا آهن. ڊان تصديق ڪئي آهي ته دبئي هيلز اسٽيٽ جي ويدا ريزيڊنس ۾ اويس مظفر جي زال جي نالي تي ٻن ڪمرن جو اپارٽمينٽ آهي، جيڪو 2015 ۾ خريد ڪيو ويو ۽ 2019 کان 2024 تائين ڪرائي جي مد ۾ اتان هڪ لک 41هزار 792 ڊالرن جي رقم حاصل ڪئي وئي. محمد بن راشد ڊسٽرڪٽ ون پاڙي ۾ جوڙي جو پنج بيڊ روم وارو بنگلو هو، جيڪو هنن جي گڏيل ملڪيت هو، پر اهو بنگلو ڪجهه مهينا اڳ وڪرو ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هي بنگلو 2015ع ۾ 31 لک 70 هزار ڊالرن ۾ خريد ڪيو ويو ۽ 2024ع ۾ 55 لک 80 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو.سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ هن جي گهرواري جي نالي تي 5 پراپرٽيون آهن،شرجيل ميمڻ جي گهرواري جي نالي تي 3 جائيدادون آهن جڏهن ته خود شرجيل ميمڻ جي نالي تي ٻه فليٽ آهن،2012ع ۾ انهن دي ميڊوس ۾ 4 بيڊرومز تي مشتمل بنگلو 11 لک 70 هزار ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو جنهن جي ماليت 25 لک ڊالرن کان 35 لک ڊالرن وچ ۾ آهي، جڏهن ته فائونٽين ويو ۾ هن جي گهرواري جي نالي تي ٽيون اپارٽمينٽ وڪرو ٿي چڪو آهي
-
اويس ٽپي ۽ سندس گهرواريءَ جي ملڪيت به نڪري آئي
دبئي(عوامي آواز نيوز) پراپرٽي ليڪس ۾ پ پ اڳواڻ اويس مظفر ٽپي ۽ سندس گهر واري جي نالي تي به ٻه ملڪيتون سامهون آيون آهن. اويس مظفر ٽپي ۽ سندس گهرواري 2015ع ۾ ٻن بيڊ رومن جو اپارٽمنٽ خريد ڪيو هو، ٻنهي جا گڏيل طور تي هڪ ولا به آهن. ان کان علاوه اويس مظفر ٽپي 2015 ۾ ولا خريد ڪيو جيڪو هن سال 5 ڪروڙ 58 لک ڊالر ۾ وڪرو ڪيو.
-
عمران خان جي ٻن ڀينرن 2016 ۾ دبئي ۾ ملڪيتون ظاهر ڪيون هيون: رئوف ڪلاسرا
اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته عليمه خان سميت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٻن ڀينرن جي دبئي ۾ ملڪيت هئي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته ان حوالي سان تفصيل 2016 ۾ پنهنجي ٽي وي شو ۾ ڏنا هئا، جڏهن هن دبئي ۾ 2500 پاڪستانين جي خريد ڪيل ملڪيتن جو انڪشاف ڪيو هو.