ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته دبئي ۾ موجود سياستدانن جو ملڪيتون وڪرو ڪيون وڃن.
صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته سياستدانن کي ملڪ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، اها پراپرٽي انهن جي اضافي پراپرٽي آهي، قرباني ڏني وڃي ۽ هاڻي اهو پئسو قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته انهن ٻاهر ٺهيل پراپرٽين جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو ۽ مهانگائي ۽ بهي روزگاري ۾ واڌ ٿي، جيڪو انڪشاف ٿيو آهي اها حقيقت آهي.
You might also like