جيڪڏهن ڪنهن به پٽڪو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي پٽڪن جا فٽبال ٺاهي ڇڏينداسين:واوڊا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته هر هر انٽليجنس ادارن جو نالو ورتو پيو وڃي، هاڻي الزام لڳائڻ سان ڪم نه هلندو، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن به پٽڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي پٽڪن جا فٽبال ٺاهي ڇڏينداسين.
فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته گهڻو ٿي ويو هاڻي ادارن کي نشانو بڻائڻ بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن ادارن کي ڪٿي به مداخلت ڪئي آهي ته انهن جون شاهديون کڻي اچو مان اوهان سان گڏ بيهندس.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ججن کي الزامن کان پري ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکي 15 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪو جواب نه آيو، جواب نه ملڻ جي صورت تي ماڻهن ۾ شڪ پيدا ٿيندا آهن.
هن ٻڌايو ته جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر ٻٽي شهريت نٿو رکي سگهي ته جج ڇو رکي؟ جيڪڏهن اسيمبلي قانون ٺاهيندي آهي ته اسان کي اهڙا قانون به ٺاهڻا پوندا.
باني پي ٽِي آءِ جي سڀاڻي وڊيو لنڪ تي عدالت ۾ پيشي واري معاملي تي فيصل واوڊا چيو ته هن تي ڪجهه نه ڳالهائيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.