اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته 9 مهينن کان پي ٽِي آءِ باني جي آواز سامهون نه پئي اچي، اهي پي ٽِي آءِ باني جي عدالت ۾ حاضري تي رڪاوٽون وجهڻ چاهن ٿا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن چيو ته توشا خانا ڪيس کي ٻڌڻي تي لڳائي وري ملتوي ڪيو ويو، نڪاح عدت واري ڪيس ۾ وڪيل ئي عدالت نٿا اچن، هاڻي هن کي چيو ويو ته نڪاح ڪيس ۾ پيش ٿيو.
هن جو چوڻ هو ته سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ نيب ڪيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي، سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرايو پيو وڃي، اسان وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي مذمت ڪيون ٿا.
پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته جسٽس بابر ستار آڊِيو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان تي کيس نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪنهن به جاچ کان پهريان جسٽس بابر ستار کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
بابر ستار مٿان جيڪا سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي ان جي سڀني کي خبر آهي، اسان قانوني طور تي اڳتي هلنداسين، آئين ۽ قانون کي گڏجي هلنداسين.
You might also like