ڪراچي(رپورٽر) پيپلزپارٽي بھ پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف ميدان تي نڪري آئي، پي آءِ اي جي نجڪاري آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، پر اھڙي آگاھي پارليامينٽ کي بھ ناھي ڏني وئي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏھاڙي ڪراچي پريس ڪلب ۾سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رضا رباني ۽ پيپلز يونٽي آف (پي آئي اي) ايمپلائيز جي صدر ھدايت اللھ خان، محمد اسلم سمون ۽ اياز علي شيخ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا پي آءِ اي جي نجڪاري کان پوءِ ملڪ جي سلامتي جو سبب بڻيل ادارن ڪامراھه ۽ واھ فيڪٽري جي به نجڪاري ڪئي ويندي ؟ رضا رباني چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي قومي ادارن کي ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻيو پيو وڃي، جيڪا ڪنھن بھ صورت ۾ ملڪ جي عوام کي قبول نھ ھوندي. ھن چيو تھ حڪومت جي اھڙن قدمن سان اھو ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ حڪومت بھ ملڪ کي ڪالونائيز ڪرڻ سميت پنھنجي منظور نظر مخصوص ماڻھن کي نوزاڻ چاهي ٿي.