ڪراچي (رپورٽر) لاڙڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جو رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪالهه صدام شاهه، سعيد ويسر زاهد ناريجو مشتاق ڪورڪاڻي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو، ملازمن پاران احتجاج دوران هڪ ملازم صدام شاهه سخت گرمي سبب بيهوش ٿي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته 48 مهينن کان رهيل لاڙڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن کي پگهارون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾وزير اعلي هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.