عالمي طاقتون اڃا به عمران جي مدد ڪري رهيون آهن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ  شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف سياسي تنظيمون موجود رهيون آهن پر اظهار جي آزادي جي عملبردار صرف پيپلزپارٽي ئي رهي آهي ، ميڊيا جي خدمت ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيح رهي آهي حيدرآباد پريس ڪلب حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ پاران صحافين ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافي ڀائرن کي صحت ڪارڊ جاري ڪندي اڄ تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي ، نگران حڪومت ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پاران اهو اعزاز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته صحافين ۾ صحت ڪارڊ ورهايان، صحافين جو ٿورائتو آهيان جن ايتري عزت ڏني، صحافين کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ اسان جو فرض ۽ ذميواري آهي، هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته غير ملڪي طاقتون اڄ به عمران خان کي سپورٽ ڪري رهيون آهن،ڪجهه ماڻهن کي ريڊ لائين عمران ٿي سگهي ٿو پر اسانجي ريڊ لائين پاڪستان آهي ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.