ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور جي ڳوٺ منشي محبت ۾ مبينا طور ڳورھاري عورت تشدد ڪري قتل، عورت جو لاش سول اسپتال ڪشمور آندو ويو ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري وارث پريشان رھيا ، ان سلسلي ۾ وارثن موجب جوابدار مورو مزاري اسان جي ڀيڻ مسمات سبحانه مزاري کي تشدد جو نشانو بڻائي ماريو آهي کين انصاف ڪيو وڃي، جڏھن ته ٻئي طرف ڪشمور سول اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهي آهي ايم ايس موجب عورت جي پوسٽ مارٽم لاءِ ليڊي مڊوائيف کان چڪاس ڪرائي رپورٽ ڏينداسين وارثن جي الزام بعد پوليس عورت جو مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي کين ڊاڪٽرن جي رپورٽ بعد ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.