لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ پارٽي جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس 18 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب(ن) ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سمورن مجلس عامله جي ميمبرن کي اجلاس جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي جنهن موجب اجلاس 18 مئي ڇنڇر جي ڏينهن ساڍي 11 وڳي 180 ايڇ بلاڪ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي سمجهي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي مصروفيتن سبب پارٽي تي پوري طرح ڌيان نه ڏئي رهيو آهي ان ڪري پارٽي کي ملڪ ۾ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ذريعن موجب پارٽي سمجهي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي مصروفيتن جي ڪري پارٽي تي ڌيان نه ڏئي رهيو آهي ان ڪري پارٽي کي ملڪ ۾ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
-
آءِ جي سنڌ سان صحافين جي ملاقات، جرنلسٽ رابطا ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز
ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪلب ڪراچي جي صدر سعيد سربازي جي صدارت هيٺ 9 رڪني وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وفد صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پوليس ۽ جرنلسٽ رابطا ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته رابطا ڪميٽي جي قيام سان نه رڳو باهمي لاڳاپا مضبوط ٿيندا پر صحافين کي انهن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ پليٽ فارم پڻ فراهم ٿيندو.
-
اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان ناراض آهي، ڪو رليف نه ملندو: تجزيي نگار
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيئر تجزيه نگار مزمل سهروردي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي ايندڙ ڏينهن ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته 9 مئي جي ڇڪتاڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي بدنيتي واري مهم کانپوءِ فوج ۾ به عمران خان لاءِ ڪو نرم رويو ناهي . تجزيه نگار چيو ته جيئن پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي 9 مئي جي حوالي سان هڪ ٻي مهم شروع ڪئي ته فوج ان تي خوش نه هئي. ڪا به سياسي پارٽي عمران خان يا سندس پارٽي سان ڳالهيون نه ڪندي ۽ عمران خان جي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي. سهروردي چيو ته هاڻي آرمي آفيسرن ۾ عمران خان لاءِ ڪا همدردي يا نرم گوشو ناهي. پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.فوج ۽ عدالتي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڇڪتاڻ بابت سوال جي جواب ۾ مزمل سهروردي چيو ته فوجي اسٽيبلشمينٽ يقيني بڻائيندي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي عدالتن مان ڪو وڏو رليف نه ملي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ تجزيه نگار چيو ته جماعت اسلامي گڏيل اپوزيشن جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ 6 پارٽين تي مشتمل گڏيل اپوزيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر جماعت اسلامي پي ٽي آءِ کي پنهنجو ڪنڌ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، مزمل سهروردي چيو ته جماعت اسلامي جي قيادت عمران خان جي حق ۾ ناهي، هو اسٽيبلشمينٽ مخالف پارٽي سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي تحفظ جي تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو به فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ڪشمير ايڪشن ڪميٽي سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پي ٽي آءِ جو هٿيار بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
-
آءِ ايم ايف جي غلامي کان ڇوٽڪاري لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو: جماعت اسلامي
ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن جي معيشت ۽ آء ايم ايف جي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت ڪري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، چونڊ قانون ۽ ضابطه اخلاق ۾ تبديلي ڪري قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي نمائندن سامهون فارم 45،47 ۽ 49 ڀريا وڃن ته جئين ڪنهن کي به مداخلت ۽ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جو موقعو نه ملي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي پاران رکيل استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون هڪ تماشو هيون جنهن سان عوام جو ووٽ جي پرچي تي ويساهه ختم ٿي ويو آهي ڇو ته چونڊن ۾ عوام ۽ فارم45 ذريعي چونڊيل اصل عوامي نمائندن کي ٻاهر رکي فارم 47 ذريعي جعلي قيادت مسلط ڪئي ويئي جيڪي اڄ حڪومت ۾ شامل ٿي عياشيون ڪري رهيا آهن.
-
خوراڪ کاتي ساڍا 6 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ورتي آهي: ڄام خان شورو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ واري وزير ڄام خان شورو چيو آھي ته سنڌ ۾ هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ۾ هلندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي آهي. خوراڪ واري وزير ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتي پاران هن سال 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو آھي، خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ اڳ ئي موجود آهي، خوراڪ کاتو هن وقت تائين 6 لک 43 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري چڪو آھي.
-
پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير منظور وٽو هڪ ڀيرو ٻيهر خاندان سميت پ پ ۾ شامل
لاهور ( م ڊ ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير منظور ويٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.پ پ ترجمان موجب منظور وٽو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي راجا پرويز شريف، حسن مرتضيٰ، شهزاد سعيد چيما ۽ چوڌري سجاد الحسن پڻ موجود هئا. ترجمان جو چوڻ آهي ته اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر خرم وٽو ۽ روبينا شاهين وٽو، اڳوڻو ميمبر پنجاب اسيمبلي معظم وٽو، جھان آرا وٽو ۽ آمنه قصوري به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن. ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري ويٽو خاندان کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو.