حيدرآباد(رپورٽر) پي ايف يو جي، جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران ضياء جي آمريت ۾ 13 مئي تي ڪوڙا کائيندڙ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪالھ رات جو حيدرآباد پريس ڪلب آڏو تقريب منعقد ڪئي وئي. جتي صحافين ضياء جي مارشل لا ۾ ڪوڙا کائيندڙ ھيروز سينيئر صحافين ناصر زيدي، خاور نعيم ھاشمي، اقبال جعفري سميت سمورن صحافت جي آزادي ۽ جمھوريت پسندن جي تصويرن آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون روشن ڪري خراج عقيدت پيش ڪئي. قلم ڌڻين اظھار راءِ جي آزادي لاءِ ۽ ھر قسم جي آمريت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي، ڄام فريد لاکو، تنوير آرائين، ۽ ٻين چيو ته اظھار راءِ جي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن توڙي جمھوري قدرن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.
ھنن چيو ته صحافت جي آزادي خلاف ٺھيل سمورا قانون ۽ صحافين مٿان داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن. ھنن چيو ته اسان ضياء جي آمريت ۾ قلم جو سر بلند رکندڙ صحافين ناصر زيدي، خاور نعيم ھاشمي ۽ اقبال جعفري سميت ٻين صحافين ۽ جمھوريت پسندن کي ڪورٽ مارشل ڪري قيد ۽ ڪوڙا ھڻڻ جون سزائون ڏنيون ويون. انھن صحافين ڪوڙا کائي به صحافت جي آزادي جو علم اوچو رکيو. تقريب ۾ سينيئر صحافين وسيم خان، پير نظام جان سرھندي، فاضل چنا، اشوڪ شرما، اشوڪ راماڻي، پون ڪمار، علي واحد شاھ، حسنين علي واحد سميت ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا.