ڪراچي(بي بي سي)سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ جي گودامن مان سال 2022 کان 2024 دوران چار لک ٽن ڪڻڪ چوري، رپورٽ موجب گذريل سالن ۾ ڪڻڪ سنڌ جي انهن چئن ضلعن جي گودامن مان چوري ٿي جن ۾ ڪڻڪ جو شديد بحران رهيو ۽ ماڻهو اٽي جي کوٽ ڪري بکون ڪاٽڻ تي به مجبور رهيا، انهن ضلعن ۾ شهيد بيظير آباد، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر شامل آهن. چوري ٿيل ڪڻڪ کي جيڪڏهن ٻورين ۾ بند ڪيو وڃي ته ٻورين جو انگ تقريبا چار لکن جي لڳ ڀڳ ٿي ويندو. ڪڻڪ جي چوريءَ جو اهڙو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن اداري پاران چوريءَ جي تفتيش ڪئي وئي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته سنڌ حڪومت جي گودامن مان ڪڻڪ جي چوريءَ ۾ اداري جي اندر جا ماڻهو ملوث آهن. چوري ٿيل ڪڻڪ کي خراب ڄاڻائي مارڪيٽ ۾ وڪرو پڻ ڪيو ويو. چوري ٿيل ڪڻڪ متعلق بي بي سي جي سوال جو جواب ڏيندي خوراڪ واري وزي ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت کي اڃان تائين لاڳاپيل ادارن جي ڪا رپورٽ نه ملي آهي، جيئن ئي اهي رپورٽون مليون ته انهن تي عمل ڪيو ويندو، لاڳاپيل ادارن جي رپورٽ مان اهو معلوم ٿي سگهندو ته ڪڻڪ جو ڪيترو مقدار خراب ٿيو هو ۽ ڪيتري مقدار ۾ ڪڻڪ گم ڪئي وئي آهي. واضع رهي ته گهرو معاملن واري وزارت خراب ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ۽ اسمگلنگ ڪرڻ جي الزام ۾ 12 صوبائي آفيسرن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم پڻ جاري ڪري چڪي آهي،حيدرآباد چڪي ايسوسيئيشن جي صدر حاجي محمد ميمڻ چيو ته ان نوعيت جي چوري ۽ اسمگلنگ جي ڪري عام ماڻهو وڌيڪ پئسا ڀري اٽو خريد ڪري ٿو، گذريل چئن سالن ۾ اٽو لڳاتار مهانگو ٿيندو پيو وڃي، هن چيو ته چڪي مالڪ 5500 رپين ۾ حڪومت کان اٽو خريد ڪندا هئا هاڻي اهو ئي اگهه 10 هزارن تائين پهچي ويو آهي، چوريءَ جو وڏو اثر پوندو آهي