اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي 77 اضافي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن اضافي سيٽن تي 77 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اضافي سيٽن تي 22 چونڊيل ۽ 3 اقليتي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي.خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اضافي مخصوص سيٽن تي چونڊيل 25 ۽ 4 اقليتي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي، پنجاب اسيمبلي مان اضافي مخصوص سيٽن تي چونڊيل 27 ۽ 3 اقليتي ميمبر جڏهن ته سنڌ اسيمبلي مان مخصوص سيٽن تي چونڊيل 3 ۽ هڪ اقليتي ميمبر جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه مان (ن) ليگ جا 4، جي يو آءِ (ف) ۽ پيپلز پارٽي 2، 2 ، پنجاب مان ن ليگ جا 9 عورتون، هڪ اقليت، پ پ ۽ جي يو آءِ جي هڪ هڪ عورت ميمبر کي معطل ڪيو ويوآهي. سني اتحاد ڪائونسل ڪجهه سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ واري فيصلي کي چينلج ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو.