ڪراچي ۾ نور محمد برفت ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ چڙهائي، چڪريون، ڌرڻو

گڏاپ/ ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري+ ممتاز سنڌي) ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون جي نور محمد برفت ڳوٺ کي بلڊر مافيا جي ملي ڀڳت سان پوليس رينجرز اينٽي انڪروچمينٽ فورس روينيو عملو مشينري ساڻ  ڪري نور محمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ پھچي ويا، جنھن کانپو ڳوٺ جا رھواسي وڏي انگ ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا گھرن کان ٻاھر نڪري آيا روڊ تي ڌرڻو ھڻي بلڊر مافيا پوليس روينيو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن نور محمد برفت، صفدر ابڙو، انجم علي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته نور محمد برفت ڳوٺ 63 ايڪڙن تي مشتمل ھجڻ سان گڏوگڏ تمام قديمي ڳوٺ آھي، جتي ھزارين گھر قائم ٿيل آھن پر بلڊر مافيا روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري زمين جو ڪوڙو رڪارڊ ٺھرائي ھاڻي ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. انتظاميا ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ3 ڏينھن تائين ڪارروائي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو آھي پر اسان پنھنجي جانين جو نذرانو ته ڏئي سگھون ٿا پر پنھنجا گھر خالي ڪڏھن نه ڪنداسين. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺي تحفظ ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي. ھوڏانھن چئن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي بعد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ آيل پوليس رينجرز اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ روينيو جا عملدار واپس روانا ٿي ويا جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.