شهيد بهشتي بندرگاهه هلائڻ لاءِ ايران ۽ انڊيا وچ ۾ معاهدو

تهران (م ڊ) انڊيا ايران جي سامونڊي پٽي واري شهر چابهار ۾ قائم شهيد بهشتي بندرگاهه کي هلائڻ لاءِ 10 سالن جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن تحت بندرگاهه جي ڪنٽينر ٽرمينل تي سامان جي منتقلي کي جديدطرز بڻائيندو.ايران جي شهر تهران ۾ شهري ترقي واري وزير مهرداد بازارپاش ۽ هندستان جي شپنگ واري وزير سرباندا سونووال ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون.ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هندستان چابهار بندرگاهه جو هڪ حصو ايران جي ڏکڻ اوڀر واري سامونڊي پٽي تي ٺاهي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن کان پاسو ڪري ۽ چابهار ذريعي پنهنجو واپار ايران، وچ ايشيائي ملڪن ۽ افغانستان سان جاري رکي سگهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.