آئين تي عمل نه ٿا ڪرائي سگهو ته پوءِ ڇو ٺاهيو اٿئو؟: فضل الرحمان

فيصل آباد (م ڊ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياستدان کي فڪرمند ٿيڻو پوندو، ٿيل چونڊون تڪراري آهن، اسان جي سياست کليل  سياست آهي، اسان جي ادارن کي پنهنجي دائري اندر واپس وڃڻو پوندو.فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جو نظام هن وقت خراب آهي، آئين موجود آهي پر عملدرآمد نه ٿيندو آهي،

جڏهن آئين تي عمل  نٿو ٿي سگهي تي آئين ڇو ٺاهيو ويو آهي،اليڪشن ڪميشن هٿن تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، اسان جي سياست کليل سياست آهي، پيپلز پارٽي وارا چئي رهيا آهن ته اسان حڪومت ۾ ناهيون، پوءِ ڇو پ پ وارا آئيني عهدا کڻي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.