ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني خلاف 18 مئي تي سڄي سنڌ ۾ بک ھڙتال جو اعلان

حيدرآباد (پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ڪوٺايو ويو، جنهن ۾  جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زنئور، جست جو چيئرمين سورھيه سنڌي، نواز شاهه ڀاڏائي، نعمان راجپر، اياز سولنگي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس بعد اعلان ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار ڌاڙيل راڄ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي زمين تي ولار ۽ ٻين سنڌ دشمن فيصلن خلاف 18 مئي تي سڄي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊ ڪواٽرن ۾ 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ماڻھن جي سازشي طريقي سان نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، تيل، گيس ۽ ڪوئلو کسيو پيو وڃي، وسيلن تي جياپي جو حق ڏيڻ بدران ماڻهن کي پنايو پيو وڃي،

ھن وقت سنڌ ۾ ڪپهھ ۽ سارين جي پوکي جي سيزن آھي پر سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران آھي فصل توڙي ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي ناھي آبڪلاڻي ۾ درياھه مان واري جو طوفان ٿو اڏامي درياھه ۾ گھربل پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ تيزي سان ڏکڻ سنڌ کي ڳڙڪائي رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھڪڙن ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻاھران ٻيا ڌاڙيل گھرايا ٿا وڃن سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ ڪچي ۾ ھٿ سان ڌاڙيل پيدا ڪري خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.