ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ محسن نقوي 16 ارب ٻاهر موڪليا؟ منور ٽالپر

ڪراچي(پ ر) سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر چيو آهي ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ سامهون ايندڙ اهم ڪردارن خلاف سخت ڪارروائي کان پاسو ڪيو پيو وڃي،محسن نقوي جي حوالي سان 16 ارب رپين ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، سپريم ڪورٽ ۽ ٻيا ادارا ان حوالي سان ڪو به نوٽيس وٺڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.جنهن طرح وفاقي ۽ صوبن جا حڪمران پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي آڌار تي اربين رپيا ورهائي رهيا آهن، تنهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.هن چيو ته ملڪ ڏيوالو ۽ کوکلو ٿي رهيو آهي،اسيمبليون خريدوڪري سان مڙهيون ويون آهن،ملڪ ۾ مختلف مافياز جو راڄ آهي، هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ غيرملڪي ڪمپنين سان گڏجي ملڪ ۽ عوام کي ناقابل برداشت شرطن ۾ وڪوڙيو پيو وڃي، ڪشميري ۽ گلگت بلتستاني پنهنجي بنيادي حقن ۽ انساني ضرورتن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن،انهن جي داد رسي ڪرڻ بدران سندن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته ملڪ تمام تيزي سان انارڪي ۽ افراتفري ڏانهن وڌي رهيو آهي،پر ڪنهن کي ڪو احساس ناهي،عوام کي مختلف مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،هن چيو ته 76 سالن جي مسلسل مداخلت ۽ بدحڪمراني جو احساس ڪرڻ بدران پنهنجي ڪردار تي ”فخر“ ڪيو پيو وڃي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي موجوده موڊ جو اندازو ڪري وٺو،هن چيو ته ملڪ جي سمورن نوجوانن، شاگردن، پورهيتن، عورتن، هارين، آبادگارن، دانشورن، صحافين، وڪيلن، اديبن، شاعرن ۽ سماج جي ستايل سمورن باشعور ۽ باضمير شهرين کي اڳتي وڌي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.