ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( رپورٽر ) نصيرآباد ۾ استاد ھدايت لوھار جي قتل خلاف سورٺ لوھار جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ انساني حقن واري ڪميشن جي اڳواڻ قاضي خضر حيات، سھڻي جويو، سارنگ جويو، وڪيل ماجد جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهتي ته اتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، مظاھرين ھٿن ۾ ھدايت لوھار جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ جي ڊبليو سي ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جي گڏيل سهڪار سان ذوالفقار علي خاصخيلي ۽ رضا محمد سيال جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مير محمد ڪيريو ، محمد وارث نوناري ، ساس جي علي نواز ڏاهري ، ايس يو پي جي ايوب کوسو ،ايس ٽي پي جي سليم مگسي،سي ڊي ايف جي عبدالحميد آرائين ، سينيئر صحافي قربان علي عمراڻي ، هندو پنچائت جي پپو سونارو ، همدرد سپورٽ پروگرام جي قاضي جاويد سنائي، راجا ارشاد ڪيريو،شهري اتحاد جي صدر احسان شاھ خطاب ڪندي چيو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود پريا ڪماري جي آزاد نه ٿيڻ کي اسين رياست جي ناڪامي سمجهون ٿا ريليءَ ۾ شوڪت حسين ميمڻ ، حسين بخش ڪيريو ، امام بخش سيال ، ڪرم الله انڙ،حسين چانڊيو ، برڪت جلباڻي ، حضور بخش نوناري،عبدالصمد گبول سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون ٺَٽي ۾ مَعصوم پريا ڪُماري جي بازيابي ۽ قومپرست اڳواڻ شھيد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيئي سِنڌ تحريڪ پاران ريلي ڪَڍي وئي، ريلي ۾ جَسقم، جيئي سِنڌ محاذ، ٺَٽو بَچايو فورم ۽ ٻين تَنظيمن شرڪت ڪئي. اَحتجاج جي اڳواڻي راول ڪرناڻي، فَرھاد ميمڻ، اَمجد شورو، دِلاور شيخ، جَمشيد قريشي، اڪبر بروھي، مالڪ بروھي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا،باڊهه ۾ به جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڪامريڊ محمد علي خشڪ جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪامريڊ قادر بروهي، علي انور عسڪري، زيب علي ساريو، صاحب خان سومرو محمد مٺل ڍڪڻ، سرائي سوڍو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ محمد علي خشڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استاد هدايت الله لوهار کي 3 مهينا اڳ وچ شهر ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر افسوس جو اڄ تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،ڏوڪري ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، صاحب پنهور، رياض ميراڻي، عرفان ڀنڊ، عامر ميراڻي، امر سنڌو، واجد علي جوڻيجو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي،جسقم گهارو پاران ڪجھ مهينا اڳ نصيرآباد قتل ٿيل استاد هدايت لوهار جاقاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسقم ڪارڪنن ايازشاھ جيلاني جي اڳواڻيءَ پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوويو. ڄامشورو ۾ سينيئر قومپرست اڳواڻ استاد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري،کنڀي گم ڪيل بشير شر سميت سڀني کنڀيل قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ ( جسقم ) بشير خان ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي سڏ تي عابد جمالي، مھراڻ جويو، سجاول کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،اڳواڻن چيو ته استاد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گذريل ٻن مھينن کان سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي قاتلن جي سڄاڻپ پڻ ٿي چڪي آهي پر ان جي باوجود به ھن رياست جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ نٿا آڻن جنهن مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته استاد ھدايت لوھار جي قتل ۾ رياستي ادارا ملوث آهن،جڏهن ته ڄامشورو ۾ سينيئر قومپرست اڳواڻ استاد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاء جيئي سنڌ تحريڪ پاران انور بڙدي، فيصل وڳڻ، بشير بروھي، مير جان سنڌي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،ڪنڊيارو ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي شهيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ بشير شر سوڌو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ ۾ اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪنڊيارو ۾ به مختلف سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن ۽ شهرين پاران ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو کان ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ ساگر پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وزير احمد اڄڻ، عبدالجبار مڱريي، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ عزير گھانگھري، امين گھانگھري، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي آرگنائيزر حمزه علي چانڊيي، جسقم جي اڳواڻ مھراڻ کوسي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ سرمد سيد، مهراڻ ٽيچر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ زين سيال ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هيو ته شهيد هدايت لوهار جي قتل کي اڍائي مهينن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر رياست ايف آئي آر ۾ نامزد جوابدار گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي بشير شر سوڌو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن جيئي سنڌ تحريڪ خيرپور جي ڪارڪنن پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي شبير جمالي ايڊووڪيٽ نور محمد تنيو نديم شيخ تنوير دل ۽ زيد ڦلپوٽو ڪري رهيا هئااحتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته شفيع ڪرناڻي ۽ هدايت لوهار سميت جن به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد کين شهيد ڪيو ويو انهن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سنڌ مان جيترن به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي انهن کي آزاد ڪيو وڃي هنن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناهي ۽ شھري غير محفوظ بڻيل آهن،هوڏانهن ڪوٽڙي ۾ شهيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم آريسر پاران عبدالفتاح چنا عبدالحميد جوڻيجو، لونگ ملاح، طارق سومرو ،شهباز ميمڻ ۽ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم کي ننڌڻڪو سمجهي ماريو ۽ کنڀيو وڃي ٿو ايوب ڪانڌڙو بشير شر سميت سوين قومي ڪارڪن جبري طور گم ڪيا ويا آهن معصوم پرياڪماري سالن کان گم آهي پر انصاف نٿو ڪيو وڃي،ڪنري ۾ جسقم پاران استاد هدايت الله لوهار ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ محمد رمضان خاصخيلي، مير نواز رند، احمد سنڌي، ادريس ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،هوڏانهن مٽياري ۾ جسقم آريسر گروپ اڳواڻ تاج حيدر درس، علي حيدر ترڪ، فرقان ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ جسقم آريسر ضلعي سجاول پاران قومپرست اڳواڻ استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علي بندر کان جسقم آريسر جي مرڪزي چئيرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ريلي ڪڍي جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انهي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هدايت لوهار هڪ استاد سان گڏ پرامن قومي ڪارڪن هو جنهن کي بيگناھ شھيد ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته هدايت لوهار جي قتل کي ٽي مهينا گذري چڪا آھن پر اڃا تائين قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته سائين هدايت لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪري شھيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي انهي موقعي تي محمد خان شورو، غفور چانگ، الطاف چانگ، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نعمان شورو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور، جست اڳواڻ امام بخش خاصخيلي ،جساف جي نياز چانگ ڪريم شورو ۽ ٻين خطاب ڪيو،هوڏانهن ميرپور ماٿيلي ۾ جسقم طرفان جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو جي آزادي، ضلع گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني لاقانونيت ۽ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، ڪمال مهر، اڪرم ميتلو، نظير احمد شيخ، شهريار خان مرڻاس، عمر ڀيو، اظهر ڪلوڙ، جنيد جلباڻي چيو ته ضلع گهوٽڪي ۾ بدامني عروج تي آهي ڦرون ڌاڙا قتل اغوا ڪاريون روز جو معمول بڻيل آهن، هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مھر ۔سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشھرو فيروز سول سوسائٽي پاران ضلعي رابطا سيڪريٽري ايم ظفر تڳر ،يونس راڄپر جي اڳواڻي ۾ الله واري چونڪ کان ريلي ڪڍي وئي ايم ظفر تڳر چيو ته 3 سال گذري وڃڻ باوجود به سموري سنڌ سراپا احتجاج آھي سوشل ميڊيا تي پرياڪماري جي آزادي لاءِ روزاني جي بنياد تي احتجاج ٿين پيا پر حڪمرانن جي ڪن تي جوء به ڪان ٿي سري ڇا پريا ڪماري کي زمين ڳھي وئي يا آسمان ڳھي ويو يونس راڄپر،ڪامريڊمسرور چانڊيو،فقير محمد لاشاري،ضمير لنڊ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سٽي صدر فريد لاشاري،عتيق الرحمان وسطڙو ،مظفر عباسي،اعجاز تڳر،عنايت سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آھي ته فورن پريا ڪماري کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، هوڏانهن دادو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن مير ساگر سيال، ملوڪ ڀٽي، اسد سنڌي، الهجڙيو ۽ ٻين دادو پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ شهيد ڪارڪنن جا فوٽو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا اڳيان دانهيو ته 3 سال گذري وڃڻ باوجود معصوم نياڻي پريا ڪماري جو پتو ناهي پئجي سگهيو .