ڀارتي اداڪار اشوتوش رانا به ڊيپ فيڪ وڊيو جو نشانو بڻجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪار اشوتوش رانا به ڊيپ فيڪ وڊيو جو نشانو بڻجي ويو.
سوشل ميڊيا تي اداڪار جي هڪ وڊيو وائرل آهي جنهن ۾ هڪ نظم پڙهندي ماڻهن کي بي جي پي کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪار ٻڌايو ته هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪن طرفان هن جي ڊيپ فيڪ وڊيو ٺاهي وئي آهي.
اشوتوش رانا چيو آهي ته اهڙي حرڪتن جي ڪري ان تي ڪو اثر نه پوندو هو صرف پنهنجي گهر وارن کي جواب ڏيڻ جو پابند آهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته وڊيو ۾ ماڻهن کي لڳو ته شايد مان سياست ۾ واپس اچي رهيو آهيان پر ائين ناهي.
واضح رهي ته بالي ووڊ جا ڪيترائي اداڪار ڊيپ فيڪ وڊيوز جو نشانو بڻجي چڪا آهن، جن ۾ عاليا ڀٽ، رشميڪا مندانا ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.