ٻارن جي تربيت ۾ بنيادي ڪردار مائرن جو هوندو آهي ۽ هر ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته پنهنجي زندگي جي تجربن سان پنهنجي اولاد جو مستقبل سنواري سگهي.
اداڪارا جويريا عباسي به انهن مائرن مان آهي، جن نه صرف پنهنجي ڌيئرن جي رهنمائي ڪئي ۽ مڙس کان بغير اولاد جي تربيت سان گڏو گڏ پنهنجي ڪم کي به جاري رکيو.
هڪ انٽريو ۾ جويريا ماءُ بڻجڻ بعد زندگتي ۾ ايندڙ تبديلين، ڌيءَ جي پرورش ۽ فيملي جي تعاون تي تجربن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته منهنجي ڪوشش رهي آهي ته انزلا کي نانن ۽ ڏاڏن ٻنهي خاندانن سان جوڙي رکان ڇو ته ٻارن جي پرورش ۾ ناني ۽ ڏاڏي جو وڏو ڪردار هوندو آهي.
اداڪارا ٻڌايو ته انزلا جي پرورش ۾ هن جي ناني اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏوگڏ کيس ڏاڏي وٽان به سٺي محبت ملي.
هڪ سوال جي جواب ۾ جويريا عباسي ٻڌايو ته پنهنجي زندگي ۾ رشتا نڀائڻ کان ناڪام رهيس، انهن جي بازي ۾ ڌيءَ کي نه صرف ذهني طور تيار رکيو پر ويهي ڪري سمجهايو آهي.
هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو خوشگوار احساس هو، منهنجو وس هلي ته مان سڀ ڪجهه پنهنجي ڌيءَ کي ڏئي ڇڏيان ڇو ته منهنجي لاءِ اها محبت ۽ اهو ئي عشق آهي.
You might also like