”12 مئي تي هڪ آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ماضي جي تنگ ذهن ڪردارن مان سبق نه ورتو ته ڏکيون حالتون اسان کي نه ڇڏينديون، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
12 مئي سانحي بابت گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ڏينهن جمهوريت لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هميشه ياد رکيو ويندو، هڪ آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو، جمهوريت جي بقا ۽ سلامتي لاءِ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن آمر آڏو نه جهڪيا.
هن چيو ته ناڪاري ڪردار ۽ عمل جو مظاهرو ڪندڙ عنصرن جو خاتمو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو، مفاهمتي پاليسي، ذهني هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي سياست هن ملڪ لاءِ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جيڪڏهن ماضي جي تنگ ذهن ڪردارن مان سبق نه ورتو ته ڏکيون حالتون اسان کي ڪڏهن نه ڇڏينديون. پياري وطن جي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.