ٽائيگرن ۽ رانديگرن جي راند جي پڄاڻي ؟

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ ٽائيگرن ۽ رانديگرن جي سياست تيزي سان پنهنجي انجام طرف وڌي رهي آهي، 9 مئي جي واقعن جي گرفتار جوابدارن ۾ عمران خان ۽ سندس جماعت جي گرفتار سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي هڪ پاسي ڪيس هلي رهيا آهن ته ٻئي پاسي انهيءَ جي قيادت اسٽبلشمينٽ سان سرچاء لاءِ  ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ ڪپتان عمران خان طرفان طاقتور ڌرين سان سرچاءُ لاءِ   وفد موڪلڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي  پر افسوس ته انهن ميڙ منٿ قافلي سان واسطيدار ڌرين مان ڪير به ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  في الحال تيار ناهي . جڏهن ته انهيءَ مخالف ڌر طرفان ملڪ ۾ احتجاجن وارو سلسلو پڻ وڌايو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ روزانو جي بنيادن تي اسٽيبلشمينٽ خلاف نوان الزام لڳائڻ وارا سلسلا پڻ جاري آهن جنهن سان مسئلا ۽ معاملا حل ٿيڻ ۽ ڳالهين لاءِ  ڪي رستا نڪرڻ بجاءِ ٻنهي ڌرين ۾ نيون غلط فهميون ۽ اختلاف ضرور پيدا ٿي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ فوج طرفان سخت ردعمل پڻ سامهون ايو آهي.

ملڪ ۾ ساڄي ڌر جي وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو 2018ع جي چونڊن ۾ طاقت ور ڌرين جي مدد ۽ جادوگري سان  اقتدار ۾ اچڻ ۽ پوئين دروازي مان ملڪ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ بعد جارحاڻي ۽ آپگهاتي سياست کي رواج ڏيڻ ۽اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اسلام آباد ۾ ڊگها ڌرڻا هڻڻ ۽ حڪومت دوران سياسي مخالفن جي توهين ڪرڻ، انهن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ وارا شروع ڪيل سلسلا آخرڪار عمران خان ۽ پي ٽي آءِ لاءِ  به عبرتناڪ بڻجي ويا آهن.

قدرت جي قانون جو چرخو ۽ ڦيٿو جڏهن ابتو ڦري ٿو ته پوءِ  اڻ ٿيڻيون ڳالهيون به ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ اچرج ۾ وجهندڙ منظر ۽ واقعا پڻ ٿيندي نظر اچن ٿا. گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري طرفان تمام گهڻي گرما گرم پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. جنهن ۾ اهو چيو ويو ته جيڪڏهن 9 مئي تي فوجي تنصيبات تي  حملا ڪرڻ وارن کي سزا نه ڏني وئي ته ڪنهن جي جان، مال، عزت ۽ آبرو محفوظ نه رهندي. مخالف ڌر جي جماعت طرفان فوج تي ڳالهيون ڪرڻ جي مطالبي تي جي ايڇ ڪيو هيڊ ڪوارٽرز ۾ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ فوج طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف يا 9 مئي جي سانحي ۾ جوابدار ڪنهن به ڌر ۽ سياسي جماعت جي ليڊر يا انهن جي عيوضين سان ڳالهيون ڪرڻ کي رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو ته، ڳالهيون سياسي پارٽيون ڪنديون آهن ادارا نه، فوج تي حملو ڪندڙ انتشار پسند گروپ سان ڳالهيون نه ٿينديون. جڏهن ته ان کان علاوه وفاقي حڪومت طرفان پڻ 9 مئي واري سانحي بابت جيڪا رپورٽ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويئي آهي اها پڻ سابق وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ  وڌي هاڃيڪار هئي، حڪومت جي اڳوڻي گهرو وزير مطابق پي ٽي آءِ کي بحيثيت سياسي جماعت ڪردار بدلجي ويو آهي ۽ هو هڪ حملا آور جماعت ۾ تبديل ٿي ويئي آهي ۽ هوءَ ملڪ جي مفادن جي  خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا تمام گهڻا ثبوت پڻ موجود آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو واضح طور تي اهو پڻ چوڻ هوته جيڪڏهن 9 مئي تي فوجي اڏن تي حملا ڪرڻ وارن کي سزا نه ڏني وئي ته ڪنهن جي جان، مال، عزت ۽ آبرو محفوظ نه رهندي.

گذريل سال 9 مئي تي ملڪ جي قومي اثاثن ۽ عمارتن کي لڳايل باهين بعد ملڪ ۾ جنهن قسم جي اٿل پٿل ڪرڻ ۽ انقلاب برپا ڪرڻ وارو ڪو منصوبو هو ته اهو ڪارگر نه ٿيڻ ڪري اصل جوابدارن جي پڪڙجڻ ۽ ملوث ماڻهن جي گرفتار ٿيڻ ۽ انهن مٿان ڪيس قائم ٿيڻ جي باوجود يقينن اڃا تائين جوابدارن جي ڪيسن جا فيصلا نه ٿي سگهيا آهن ۽ انهن جي  خاطر مدارت ۽ مهمان نوازي پڻ جاري آهي، جنهن مان اڪثر شڪ کان به وڌيڪ پڪ ٿئي ٿي رهي آهي ته  جوابدار ڌرين جي پٺ ۽ مٺ يقينن ڳري آهي. هيءَ  پاڪستان پيپلز پارٽي وانگر طاقت ور ڌرين جي مدد کان محروم لاوارث جماعت ناهي. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو  گذريل ڏينهن ميڊيا تي آيل اهو بيان يقينن اسان جي ان تجزئي کي درست ثابت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته "منهنجو اڌ ڪٽنب فوج ۾ ۽ اڌ بيوروڪريسي ۾ آهي ۽ ڪٽنب جا 2 جرنل شهيد پڻ ٿيا آهن "۔ جڏهن ته، اها پڻ مشهور ڳالهه آهي ته  جنرل ضياءُ الحق جو خاص ماتحت  جنرل برڪي جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو عمران  خان جو سڳو مامو هو. ان کان علاوه اها پڻ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته عمران خان جو والد پڻ ملڪ جو پراڻو بيورو ڪريٽ هو. وزير اعظم  ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ برطرف ڪيل 21  ڪامورن ۾ اهو پڻ شامل هو. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پڻ ڪيترائي ڀيرا پنهنجن جلسن ۾  اهو ذڪر پڻ ڪيوويندو رهيو آهي. حاصل ٿيل معلومات مان اها حقيقت معلوم ٿي ته،  ملڪ تي حڪمران طبقن سان تعلق رکندڙ هاڻوڪيون حڪومتي ۽ اڳوڻيون حڪمران ڌريون يا مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت دراصل مٿين طبقن جي وڏن ماڻهن جي گروپن تي ٻڌل ئي آهن جنهن جون دوستيون، اتحاد ۽ مخالفتون هڪٻئي سان پراڻا پلانڌ ڪرڻ وارا معاملا آهن جنهن ۾ عام عوام، ساڃهه وندن، صحافين، وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جو ڪوبه تعلق، واسطو يا نفعو نقصان ته ناهي پر هو شريف ماڻهو ۽ عزت وارا سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن انهن ذاتي مخالفتن ۽ دشمنين ۾ ٻارڻ طور ضرور استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ملڪ جي سياست ۾ هڪ ٻيو عجيب منظرنامو اهو پڻ نظر اچي رهيو آهي ته، کاٻي ڌر يعني ترقي پسند، سوشلسٽ ۽ جمهوريت پسند ڌرين جي فڪري ۽ نظرياتي اتحادي پنهنجا فڪري فرق ۽ نظرياتي سياست ۽ اتحاد وساري ويٺا آهن ۽ ساڄي ڌر جي مذهبي جماعتن جي اتحادن ۾ شامل ٿي ويا آهن جنهن ۾ پختونخواه ملي عوامي پارٽي، بلوچستان نيشنل موومينٽ (مينگل)، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي  ۽ مختلف سياسي گروپ پي ٽي آء، جي ڊي اي . جميعت علماء اسلام ۽ جماعت اسلامي سان گڏجي سياست ڪري رهيا آهن. اهي ڌريون گڏجي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند ڌرين ۽ حڪومتن خلاف جلسا ۽ گڏجي احتجاج ڪري رهيا آهن.جنهن جي ليڊرن ۾ محمود خان اچڪزئي، سردار اختر جان مينگل، ڊاڪٽر قادر مگسي،  اياز لطيف پليجو ۽ زين شاهه وغيره شامل آهن.   رڳو ٻن صوبن خيبر پختونخواهه جي عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان جي نيشنل پارٽي ۽ سنڌ ۾ عوامي تحريڪ اڃا تائين مذهبي جماعتن يا ساڄي ڌر جي اتحادن ۽ جماعتن کان ضرور پري آهن ۽ پنهنجو ترقي پسندي وارو رنگ ۽ فڪر برقرار رکيو اچن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ اڃا ساڄي ڌرين ۽ کاٻي ڌرين جي سياست ۽ سڃاڻپ ڪنهن حد تائين ضرور برقرار آهي

9 مئي جي گذريل سال جي سانحي بعد ملڪ جو سياسي وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو آهي ، عام چونڊن بعد پارليامينٽ، قومي ادارن ۾ وڏيون تبديليون ٿي چڪيون آهن ۽ ملڪ جي  سياست ۾ تمام وڏي ڦير گهير ۽ تبديلين وارو سلسلو لڳاتار جاري آهي. طاقت جي  وڏي مرڪز ۽ حڪومت ۾  قومي نوعيت جي  اڪثرمعاملن، ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين، معاشي ۽ سياسي معاملن تي پڻ اتفاق راء وڌڻ  سان ٻنهي ڌرين ۾ هڪ اتحاد ۽ ذهني هڪجهڙائي پڻ نظر اچي رهي آهي. حڪومت ۽ ادارن ۾ پيدا ٿيل اتفاق ۽ اتحاد سان  هڪ پاسي ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي چونڊون هارائيندڙ سمورين ڌرين ۾ پڻ  پنهنجي بقا ۽ جياپي  جو معاملو پڻ تمام گهڻو اهميت حاصل ڪري ويو آهي. مزيدار ڳالهه آهي ته، حڪومت مخالف ڌرين ۾  شامل ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي  اڪثرجماعتن ۾ غير فطري اتحاد  ٿي ويو آهي  خاص طور تي مخالف ڌر جي وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف، ٻين جماعتن ۾ جميعت علماء اسلام، جماعت اسلامي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ مختلف صوبن ۾ سرگرم ننڍين جماعن ۾پختونخواه ملي عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،  سنڌ ترقي پسند پارٽي،  قومي عوامي پارٽي وغيره لاءِ   بنا ڪنهن مصروفيت ۽ پروگرامن جي هاڻوڪا ڏکيا ڏينهن گذارڻ تمام گهڻو مشڪل معاملو بنجي ويو آهي. ملڪ جي اثاثن تي حملا ڪندڙ ٽائيگرن، رانديگرن دادلن ۽ لاڏلن کي مستقبل قريب ۾ سهولتڪارن جي مدد پهچڻ ۽ ايندڙ پنجن سالن دوران  سرچاءُ ٿيڻ مشڪل نظر ٿو اچي پر جيڪڏهن باغي ڌريون معافي وٺڻ لاءِ  پاڻ کي تيار ڪن ته ، شايد ان بعد حڪومت ۽ حڪمران جماعتون پڻ مدد ڪرڻ لاءِ  تيار ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.