ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي بل ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .ڪراچي جو مئير مرتضي وهاب عدالت ۾ پيش ڪيو .عدالت 23مئي تائين اسٽي آرڊ ۾ واڌڪري ڇڏي آهي .بجلي جي بلن ۾ ميونسپل جارچ لڳائڻ جي حوالي سان جماعت اسلامي سميت ٻين درخواستون داخل ڪيون آهن .ڪراچي جي مئير مرتضي وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهر ۾ نئي بسين جي حوالي سان جلدي خوشخبري ملندي .ڪي ايم سي جا مالي معاملن حل ڪيو ويندو ته عوام کي ريليف ملندو .اسان جا معاملا بهتري جي طرف وڌي رهيا آهن .سائن بورڊ ڪي ايم سي جي اجازت جي بغير لڳايا پيا وڃن، هي اختيار ڪي ايم سي جو آهي، اسان سياسي پارٽين جي جهنڊن کي هٽائي رهيا آهيون.