ڪراچي پوليس پاران اسڪريپ ۽ ڪٻاڙ جي دڪانن کي بند ڪرائڻ خلاف درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي پوليس جو هڪ نئون ڪارنامو سامهون اچي ويو .گاڏين جي ڦرلٿ ۽ چوري جي واقعي جي روڪڻ ناڪامي کان  پوءِ پوليس ڪراچي ۾ اسڪريپ ۽ ڪٻاڙي جي دڪانن کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.واپارين انصاف جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان رجوع ڪري ورتو آهي .عدالت آءِ جي سنڌ، سنڌ حڪومت،ڊي آءِ جيز ۽ لاڳاپيل ايس ايچ اوز کي نوٽيس جاري ڪري لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذارن جو موقف آهي ته ڪٻاڙي جو ڪم ڪرڻ وارن پوليس جي هر هدايت تي عمل ڪيو آهي، پر پوليس دڪانن کي بند ڪري رهي آهي .پوليس شيرشاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ سميت هر ڪٻاڙي مارڪيٽ بند ڪري رهي آهي .جنهن سان لک ماڻهو بي روزگاري ٿي رهيا آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.