ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي ويندي. جي پي ايم سي هاڻي 2200 بسترن جي سهولت جي فراهمي سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پوسٽ گريجوئيٽ (پي جيز) جي سيٽن کي وڌائڻ وارو آهي. اها ڳالهه وڏي وزير جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪئي. وڌي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول چيو ته جي پي ايم سي وٽ 1600 بيڊ هئا ۽ هاڻ هن اسپتال ۾ 2200 بيڊ آهن پر ان ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي. وڏي وزير ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 200 پوسٽ گريجوئيٽ (پي جيز) جي اضافي جاين/ سيٽن جي منظوري ڏني. جناح اسپتال ۾ 200 پي جيز جي سيٽن جي منظوري کان پوءِ انگ وڌي 953 تي پهچي ويندو. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جي پي ايم سي ۾ دوائن لاءِ سينٽرل گودام قائم ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ صوبائي حڪومت اي ڊي پي ۾ اضافي فنڊ فراهم ڪندي. تمام جلد جي پي ايم سي جو هڪ مرڪزي گودام هوندو. پروفيسر شاهد رسول وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته پارڪنگ پلازا ٺاهڻ ۾ جي پي ايم سي جي مدد ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ڪافي جاءِ موجود آهي. وڏي وزير درخواست منظور ڪندي چيو ته انهن اسڪيمن کي اي ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويندو. وڏي وزير جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته بهتر خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ او پي ڊي کي وڌايو وڃي ته جيئن مريضن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن جي پي ايم سي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي واڌائڻ جي پڻ منظوري ڏني.