سردار سليم حيدر خان گورنر پنجاب جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

لاهور (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار سليم حيدر خان پنجاب جي گورنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.گورنر پنجاب جي حلف برداري تقريب لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين شرڪت ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس سردار سليم حيدرخان کان حلف ورتو. سردار سليم حيدر جو واسطو اٽڪ ضلعي سان آهي ۽ هو اڳوڻو وفاقي وزير به رهيو آهي، ان کانسواءِ هو پ پ راولپنڊي ڊويزن جو صدر پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.