حيدرآباد(رپورٽر) پنجابي ٻولي جي نامياري ليکڪ، ترجمي نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه جي ترجمي ڪيل ناول "سندري” جي مهورتي تقريب حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس(ايڇ يو جي) پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي سميت سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ ۽ پنجاب سرڪار کان پنجابي زبان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو ته پنجاب سپت سنڌو ستن دريائن جي ڌرتي آھي، جنھن جي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ توڙي تھذيب امير رھي آھي، پر بدقسمتي سان پنجابي زبان کي پنھنجي ڌرتي تي اھا حيثيت نه ملي سگھي آھي جيڪا ملڻ گھرجي. ان لاءِ اسان پنجابي اديب ڪوششون ڪري رهيا آھيون. ھن چيو ته حيدرآباد علم، ادب، ثقافت ۽ محبت جو مرڪز آھي، ھن شھر سدائين مونکي محبتون ڏنيون آھن. ھن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ڌرتي تي سدائين حملا ٿيندا رھيا آھن. جن ھتان جي ڌرتي تان زن زمين جو اناج ۽ عبادتگاھون لٽيون، ھن ناول جو ڪردار سندري آھي، جنھن انھن حملي آورن سان مھاڏو اٽڪائي ويڙھ ڪئي، ھي ناول پنجابي گرمکي ٻولي مان اردو ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آھي ته جيئن ٻين زبانن جا ماڻھو پڙھي سگھن. ھن چيو ته آئون ايڇ يو جي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو ٿورائتو آھيان، جن منھنجي ڪتاب جي مھورتي تقريب ڪري مان ڏنو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نامياري اديب ۽ مترجم يوسف سنڌي چيو ته اديب قوم جا سفير ھوندا آھن. ھر قوم جو اديب پنھنجي ڪلچر، زبان ۽ ٻولي جي ترجماني ڪندو آھي. پنجابي زبان وڏي زبان آھي پر وڏي بدقسمت زبان آھي. پنجابي پنھنجي زبان جي مالڪي نٿا ڪن. ھن چيو ته اسان ڪنھن به زبان سان نفرت نٿا ڪيون. اسان سڀني زبانن جو احترام ڪيون ٿا ۽ بار بار مطالبو ڪندا رھون ٿا ته قديم سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. ھن چيو ته امرتا پريتم کان ويندي احمد سليم تائين پنجابي اديبن جو پنجابي ادب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آھي. ايئن ئي سنڌي ادب پنجابي زبان ۾ به ترجمو ٿيو آھي. ھن چيو ته پنجابي اديب پنجابي زبان کي نصابي زبان لازمي قرار ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪن. ھن چيو ته اسان سڀئي سپت سنڌو جي ڌرتي جا رھواسي آھيون. سپت سنڌو دريائن جي ڌرتي آھي. نامياري اديب سيد زوار نقوي چيو ته گرمکي ننڍي کنڊ جي ھڪ وڏي زبان آھي. پنجابي زبان جي وڏي قوم آھي پر بدقسمتي سان ان جي پنھنجي الفابيٽ ناھي، ان لاءِ ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه سميت سمورن پنجابي اديبن کي پنجابي ٻولي جي الفابيٽ ٺاھڻ گھرجي، ان لاءِ سنڌ جا اديب انھن سان ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آھن. ان سان گڏوگڏ مختلف ٻولين جي ادب جو انھن جي روح مطابق ترجمو ڪرڻ لاءِ وفاقي سطح تي ھڪ ٽرانسليٽر بيورو ادارو قائم ٿيڻ گھرجي. ھن چيو ته ادب ڪنھن به مذھب، رنگ، نسل ۽ ٻولي ۾ قيد ناھي ھوندو، ھر ٻولي جو ادب سمورين سرحدن کان آجو ھوندو آھي. جيڪو مختلف زبان ڳالهائيندڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي جوڙي ٿو. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو تہ ادب ۽ سياست کي الڳ نٿو ڪري سگھجي, جيڪي به نظريا آيا آھن، اھي انسان ذات جي فلاح ۽ بھبود لاءِ آھن، حيدرآباد شھر ماضي ۾ ادب جو گهوارو ھوندو ھو ۽ سنڌي ۽ اردو اديبن جون پاڻ ۾ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون، ھن چيو ته زبان بنيادي طور تي سڃاڻپ ھوندي آھي. ھر قوم جي ٻولي جيڪا ٻين قومن جي ٻولين جو استحصال نٿي ڪري اھا سٺي سمجھي ويندي آھي ۽ جيڪا استحصال ڪري ته اھا خراب ليکي ويندي، سڄي دنيا جا ماڻھو ھر ٻولي سان پيار ڪن ٿا. ھن چيو ته پنجابي قوم جي اھا بدنصيبي رھي آھي جو ان پنھنجي زبان ۽ ڪلچر کي ٽڏا ھنيا آھن، پروفيسر ڪلياڻ سنگھه جيان ٻيا پنجابي اديب پنجابي زبان جي لاءِ ڪم ڪن ۽ ان کي نصابي ٻولي جو درجو ڏيارين. ان لاءِ ڪلياڻ سنگھه پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف سان ڳالھائي ۽ پنجابي زبان کي نصاب ۾ شامل ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ سينيئر صحافي خالد کوکر چيو ته ھي ڌرتي انڊس سولائيزيشن جي ڌرتي آھي. پروفيسر ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه پنجابي زبان مان اردو زبان ۾ ناول سندري ترجمو ڪري پنجابي ٻولي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. ناول ۾ سندري نالي ڇوڪري جي بھادري جو ذڪر ڪيل آھي. ھن چيو ته سنڌ ۾ بہ شاھ لطيف ست سورمين کي ھيرو طور پيش ڪيو آھي. اھڙي طرح خطي ۾ بھادر عورتن جا ھڙا ڪيترائي ڪردار ملندا. جن پنھنجي ڌرتي ۽ ماڻھن جي لاءِ وڏي ويڙھه ڪئي آھي. ھن چيو ته اسان جي خطي جو ڪلچر، تھذيب ۽ زبان ٿوري گھڻي فرق سان ھڪجھڙي آھي. پنجاب جي اصل گرمکي زبان کي به اجاگر ڪرڻ گھرجي. نامياري اديب عمران نور چيو ته ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه سندري ناول پنجابي مان اردو ۾ ترجمو ڪيو آھي. ھڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪيل ادب گھڻ ٻولين جي ادب کي ھٿي ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. ھن چيو ته اھا حقيقت آھي ته ھن خطي جي درتي تي سدائين حملي آورن حملا ڪيا آھن. ناول جي ڪردار سندري جيان سنڌ ۾ به بھادر عورتن جا ڪردار موجود آھن. اڄ جي دور ۾ اسان کي پنھنجي نياڻين کي اھڙن حقيقي ڪردارن جي سچي تاريخ پڙھائڻ گھرجي. ليکڪ ڪرشن شرما چيو ته جيئن ناول جي ڪردار سندري پنھنجي دؤر ۾ ظالمن جابرن سان ويڙھه ڪئي، تيئن سنڌ ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو، مائي بختاور ۽ ماھه رنگ بلوچ به سنڌ جون سندريون آھن. اسان کي اڄ جي حالتن ۾ پنھنجي نياڻين جي تربيت ڪرڻي پوندي ته جيئن اھي حالتن جو مقابلو ڪري سگھن. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگھه جي ترجمي ڪيل ناول جي تاريخ ۽ ڪردار سندري بابت آگاھي ڏني. جڏھن ته تقريب ۾ ايڇ يو جي جو خزانچي جاني خاصخيلي، سينيئر صحافين واحد پارس، ارشاد چنا، اشوڪ راماڻي، منصور مري، رياض بجير، پون ڪمار، راجا انور چانڊيو، منير نارائي، فاصل چنا، راشد لغاري، مجاھد شيخ، ارشد جبار قريشي، وسيم خان، قسيم قريشي، ڄام فريد لاکو، رياض بجير، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ غفرانه آرائين، سماجي اڳواڻ راس مھتاڻي ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ شريڪ ھئا.