پي ٽي آءِ پاران فوجي ڪئميرائن جي وڊيوز لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني سپريم ڪورٽ ۾ 3 رٽ درخواستون داخل  ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته پهرين درخواست 9 مئي تي فوجي اڏن تي لڳل سي سي ٽي وي فوٽيجز جي وصولي بابت آهي.رئوف حسن چيو ته ٻي درخواست 9 مئي تي 16 ڪارڪنن جي قتل بابت آهي، جڏهن ته ٽين درخواست اڳوڻي نگران وزيراعظم ڪاڪڙ جي فارم 47 بابت داخل ڪئي ويندي.اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.