اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت پاڪستان ۾ قيد سمورن قيدين جي تحفظ بابت آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي خدشن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قيدين جو معاملو پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي، اسان کي ڪنهن جي هدايتن جي ضرورت ناهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ دوران اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي سيڪيورٽي تي آمريڪي ردعمل جي وضاحت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف عدالتي نظام آهي، عدليه قانون موجب فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي، انصاف جي فراهمي پاڪستان جي عدليه جو بنيادي ٿنڀ آهي.
-
عمران خان جي گرفتاري سان ڪو به تعلق ناهي: آمريڪا
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري واري معاملي تي آمريڪا جي ڪا به پوزيشن ناهي. انهن معاملن جو فيصلو پاڪستان جي حڪومت کي ڪرڻو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آمريڪا پاڪستاني حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري. هن چيو ته بشام حملي ۾ جاني نقصان تي افسوس آهي ۽ دهشتگرد گروپن سان لاڳاپيل گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان دهشتگردن هٿان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي. افغان پناهگيرن جي پاڪستان مان نيڪالي بابت ميٿيو ملر چيو ته هو چاهين ٿا ته معاملي بابت خدشن جو ازالو ڪيو وڃي.