لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي قائم مسجد ۾ پيش امام غلام ياسين چانڊيو پاران 10 ورھين جي کٿابي نينگر بهاول چانڊيو کي بدفعلي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، نينگر جي وارثن حد جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. جڏهن ته پوليس پاران جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل نينگر کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ماهوٽا پوليس واقعي جي تصديق ڪئي. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو واقعي جو نوٽيس ورتو جنهن کان پوءِ پوليس پيش امام کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو.