اسلام آباد (م ڊ)اڳوڻي چيئرمين سينيٽ رضا رباني جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت نئين اٿارٽيز قائم ڪري وفاق تي وڌيڪ بار وجهي رهي آهي، حڪومت طرفان ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم عوام ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي بل منظور ڪري ڇڏيو، پيڪا ترميمي بل جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين جو اهو به چوڻ هو ته ٻئي طرف حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، نئين اٿارٽي، ايجنڊا ٺاهڻ بدران وفاق کي اهي وزارتون صوبن کي ڏيڻ گهرجن.رضا رباني چيو ته حڪومت تجويز ڪيل بل کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري، بل تي صوبائي حڪومت جي راءِ ورتي وڃي ته ڇا اهڙي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.