ڪراچي: (پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ محمد اسلم خان خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
ان موقعي تي محمد اسلم خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا آهن.
خيبرپختونخواهه جو نئون چونڊيل گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نوجوان، تعليم يافته، باصلاحيت ۽ باهمت شخصيت آهي.
هن چيو ته گورنر طور سندس چونڊ ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ فائديمند آهي. اميد آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جا موجوده مسئلا حل ٿي ويندا.