لاهور (م ڊ) فوڊ سڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير چيو آهي ته آڪٽوبر 2023ع کان فيبروري 2024ع تائين ٻاھران گهرايل ڪڻڪ جي جاچ نه ٿي رهي آهي. رانا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي ملڪ ۾ فيبروري 2024 کانپوءِ ايندڙ ڪڻڪ جي انڪوائري هلي رهي آهي. راڻا تنوير چيو ته ڪڻڪ امپورٽ جي انڪوائري رپورٽ کانپوءِ ئي وڌيڪ ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
-
سپريم ڪورٽ تسليم ڪيو ته اي سي پي جو فيصلو غير آئيني هو:بئريسٽر گوهر
اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر گوهر مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻين پارٽين کي ڏنل مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل جو حق آهي، اسان جون 78 مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏنيون ويون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته آئين موجب ڪا به پارٽي ان کان وڌيڪ مخصوص سيٽون حاصل نٿي ڪري سگهي، جيترو ان مليون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اسان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو، اليڪشن ڪميشن جو حڪم غير آئيني هو، حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وڃائي ويٺي. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته هن فيصلي جو ڳالهين سان ڪو به تعلق ناهي، اسان جو ڪنهن سان به ڪو به معاملو ناهي، جڏهن ڪنهن سان ڳالهيون ٿينديون ته ضرور ٻڌائينداسين، ڪنهن به جج کي مدي ۾ واڌ نه ملڻ گهرجي.