لاهور (بيورو) لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز ڪڻڪ جي خريداري بحران تي صوبائي حڪومت جي ترجيحن ۽ پاليسي کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ جي صورتحال کان علاوه 11 مئي تي ٿيندڙ جنرل ڪائونسل اجلاس تي به غور ڪيو ويو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت بريفنگ ڏني. (ن) ليگ جي قائد نواز شريف اجلاس منعقد ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ قائم وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪنهن به سياسي اثر جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز، راڻا ثنا الله ۽ سينيئر اڳواڻن اياز صادق، اعظم تارڙ، سعد رفيق ۽ ٻين شرڪت ڪئي.