ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ شايد ايندڙ حڪومت ڪندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته هي  ننڍا معاملا آهن، ڪڻڪ اسڪينڊل جي انڪوائري ڪڏهن ٿيڻ گهرجي؟ شايد ايندڙ حڪومت ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل جي انڪوائري ڪرائي ويندي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ فيصل چوڌري کي جاري ڪيل نيب ڪال اپ نوٽيس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڪندڙ پنهنجي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب پراسيڪيوٽر رفيع مقصود عدالتي کي ٻڌايو ته نيب انڪوائري ۾ فيصل چوڌري کان جاچ ڪئي وئي آهي، في الحال گرفتاري جي ڪا ضرورت ناهي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان درخواست اڪلائي ڇڏي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ نيب پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته هي ته ننڍا معاملا آهن، ڪڻڪ اسڪينڊل جي انڪوائري ڪڏهن ٿيڻ گهرجي؟ شايد ايندڙ حڪومت ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل جي انڪوائري ڪرائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.