اسلام آباد (نجم سيٺي+عوامي آواز نيوز) ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ڪڻڪ امپورٽ ڪندڙ واپارين في جهاز تي پنجاهه کان ستر ڪروڙ رپيا ڪمايا. ٿيندو ڪجھ به ڪونه ۽ آخر اهو چيو ويندو ته ان تي مٽي وجهو. ڀلا اهو ليئن ٿو ٿي سگهي ته ڪاڪڙ ۽ محسن نقوي خلاف جاچ ٿئي ۽ انهن کي پڪڙيو وڃي. اهي ٻئي ته لاڏلا آهن. هن وقت سياسي گيم ٿي رهي آهي. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويندو ته هي گڏيل فيصلو هو ۽ ڪا گرفتاري نه ٿيندي. البت موجوده حڪومت کي سياسي فائدو ٿيندو ۽ پوءِ اهو چيو ويندو ته اها اڳوڻي حڪومت جي غلطي ھئي جو هن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي. هن وقت پاسڪو وٽ چار ملين ٽن ڪڻڪ پئي آهي جيڪا وقت تي ڪڍي وڃي ها ته اٽي جواگھ نه وڌي ها. جاچ ڪاميٽي جي گهرائڻ تي انوارالحق ڪاڪڙ بيان ڏيڻ به نه آيو. پنجاب جي نگران صوبائي حڪومت به ان ۾ ملوث آهي جو ان لکيو ته ڪڻڪ جي قلت آهي ان ڪري امپورٽ ڪئي وڃي،هوڏانهن صحافي شاهد ميتلا چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي دور ۾ وزيراعظم هائوس ۾ گهڻا ماڻهو رشوت وصول ڪرڻ لاءِ ويهاريل هئا،ان دوران گهڻين وزارتن ۾ گهوٻيون ٿيون جن بابت تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون ايندا،سجاد انور جو چوڻ آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت جو به ان اسڪينڊل ۾ پورو پورو ڪردار آهي، مبشر بخاري چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل هلندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل ثابت ٿيندو،جنهن سبب آبادگارن کي 400 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي