منهنجي خلاف جاچ جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿيندي: محسن نقوي

لاهور ( م ڊ )  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته منهنجي خلاف جاچ جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿيندي ، هن چيو ته  پنجاب ۾ ڪڻڪ جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن کي ڪجهه نه ملندو، ڪڻڪ جي خريداري سان پنجاب حڪومت جو تعلق نه آهي. ايف آءِ اي لاهور آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پنجاب حڪومت جو ڪڻڪ جي معاملي سان ڪوبه تعلق نه هو ۽ نه ئي آهي، پنجاب حڪومت پرڏيهي ملڪن مان نه هتي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪندي آهي. ڪڻڪ درآمد جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي آهي. هن چيو ته منهنجو ذاتي خيال آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪابه بدنيتي نه هئي، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن کي ڪجهه نه ملندو، ڪجهه ماڻهن جي خواهش ضرور آهي منهنجي خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، ڪنهن جي خواهش تي مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. محسن نقوي چيو ته مان ۽ منهنجي پوري ٽيم 12 کان 13 مهينا ڪم ڪيو، جيڪڏهن 10 سالن کان پوءِ به منهنجي خلاف ڪجهه نڪتو ته مان جوابده هوندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.